پاڻي سنڌ لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، ڪئنال ڪنهن جو پيءُ به نه ٺاهي سگهندو، پاڻي هجي نه هجي ڪئنال منظور ناهن:اياز لطيف پليجو

قومي عوامي تحريڪ جي اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ مارچ، هزارين ماڻهن جي شرڪت

پاڻي سنڌ لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، ڪئنال ڪنهن جو پيءُ به نه ٺاهي سگهندو، پاڻي هجي نه هجي ڪئنال منظور ناهن:اياز لطيف پليجو

ٻھارا : قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو، قومي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽو جي صدر ممتاز شيخ، حبيبﷲ پليجو، ياسر جاکرو،امين جوڻيجو، مرتضي لاشاري، وڪيو ميربحر، غفور سومرو،جلال پليجو، غني مالهيو، شفيع پليجو، جميل پالاري، صوفي يوسف، علي محمد هولاڻي، شفيع ميمڻ، مقبول خليفو، سومار اوٺو، مٺن پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن درياھ واري موري کان ٻھارا شھر تائين پيادل مارچ ڪيو ويو، پيادل مارچ جي وک وک تي گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو پيادل مارچ جڏهن ٻھارا شهر پھتو جلسي شڪل اختيار ڪري ويو درياءَ خاطر - جھيڙو آ، زرداري واضع ڪر اعلان - ڪئنال کپئي يا پاڪستان، شھباز واضع ڪر اعلان - ڪئنال کپئي يا پاڪستان، درياءَ تي ڌاڙو نامنظور، جاري آهي جاري رهندي - جنگ اسان جي جاري رهندي سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ ھن وقت سنڌين جا ھٿ نعرن ۽ جھنڊن لاء اڀا آھن، جي اھي ھٿ ڦري توھانجي ڳچين ۾ پئجي ويا تہ ڏاڍا ڏکيا ٿي پوندئو، مڙي وڃو. اوھان کي ڪئنالن وارو منصوبو رد ڪرڻو پوندو! توھان عزت سان رد ڪيو, يا پنجن ڇھن مھينن کان پوء بڇڙا ٿي رد ڪيو ! پاڪستان جي حڪمرانن کي پنج ست ڪروڙ عوام چند شرپسند ڏسڻ ۾ ٿا اچن ھنن جي ذھنيت جنرل ضيا واري ساڳي آھي ٽڪي جو بہ ھنن ۾ ڦيرو يا تبديلي نہ آئي آھي . درياہ کي بند ڪرڻ ھنن جي اختيار ۾ ئي نہ آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسين آھستي آھستي ھڪ سمجھو، سورھيه ۽ سجاڳ قافلو پيا بڻجون. سمورين ڪمزورين ۽ ڪوتاھين جي باوجود، اسين ھاڻ متحد، منظم ۽ طاقتور قوم بڻجڻ جي سفر تي نڪري پيا آھيون. ھڪ ئي مقصد درياء، زمينن ۽ وسيلن جي حفاظت. سنڌي ورھائڻ لاء سرڪار ۽ مالڪ ڪئي ايجنٽ ۽ بي ٽيمز لاھيندا،نظرانداز ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪي حڪومتون سنڌ ۽ سنڌين سان وير رکن، اھي ھجن يا نہ، ان سان اسان کي ڪھڙو فرق ٿو پوي؟ سنڌ جي گھٽي گھٽي، ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھرن کي اوھان جي جبر جي خلاف ائين اٿاري بيھارينداسين، جو اوھان تہ ڇا اوھان جا ايندڙ نسل بہ ياد رکندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ پ پ ۽ ن ليگ وارا گڏجي ڪئنال ٺاهي پنجاب سائو ۽ سنڌ تباھ ڪرڻ چاھين ٿا سنڌ جي ھڪڙي، ھڪڙي ڳوٺ ۽ شھر ۾ وڃون پيا، اتي مقامي نوجوان، سياسي ڪارڪن، اھل علم، اھل قلم، سڄاڳ ماڻھون، نڪرن ٿا، اچن ٿا. ڀينرون نڪرن ٿيون ھڪڙا ماڻھون آھن جيڪي لاتعلق آھن، جيڪي فقط پنھنجي زندگي پنھنجي ڪارڻ جئيڻ چاھين ٿا، ٻيا ماڻھون آھن جيڪي پنھنجي وطن ۽ قوم لاءِ جئيڻ چاھين ٿا اھي نڪرن ٿا ٻئي پاسي حڪمران وڏيرا آھن جن جون ھزارين ايڪڙ زمينون آھن، زراعت تان انھن جون اربي روپين جون ڪمايون آھن، اقتدار آھي وزارتون آھن، جن ووٽ آھن ھارين جا، اھي جاگيردار حڪمران نہ رُڳو لاتعلق آھن، بلڪه اھي مخالف ٿي بيٺا آھن. اھي غير جانبدار ٿي گڏ ٿيڻ بجاءِ مخالف آھن تہ توھان ڇو نڪتا آھيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسين پيغام اھو ڏيڻ نڪتا آھيون تہ مايوس ناھي ٿيڻو، اھو ناھي سوچڻو تہ ڪينال ٺھي ويا، ڪم جاري آھي، مري وياسين، تباھ ٿي وياسين روڄ راڙو پٽڪو نہ، پر اسين چئون ٿا تہ اچو ھمت ڪيون، اھي ڪينال گڏيل همٿ سان پاڻ روڪيندا سين.ماڻهو چوندا ڙي ڦلاڻا، ڪينال تہ ٺھن پيا.چئون ٿا ابا، ٺھڻ لاءِ تہ ڪالاباغ ڊيم بہ ٺھيو پئي نہ ؟ ڏهاڪن کان ٺھيو پئي، 1980ع کان ضياء الحق چيو ٺاهيون ٿا، پوءِ ٺھيو؟ ٻٽو نظام بہ تہ آندائون نہ ؟ پوءِ ٻٽو نظام ھليو؟ ڪون ھليو، روڪي ڇڏيوسين، تئين ڪينالن کي بہ روڪي ڏينداسين. اياز لطيف پليجي چيو تہ چيائون تہ جزيرا ٿا کڻون، پوءِ جزيرا کڻي سگھيا؟ چيائون ڪارونجهر ٿا ڪٽيون، پوءِ ڪٽي سگھيا؟ مارشلا لڳايائون پوءِ مارشلا جاري رھي؟ عدالتون ٿي ختم ڪيائون، پوءِ وڪيلن جي تحريڪ ھلي تہ مڪمل عدالتون ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا؟ ضياء جي دؤر ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ ھلي تہ ضياءُ جي آمريت ختم ٿي نہ ؟تنهن جي ڪري ڪينالن سميت سڀ عوام دشمن منصوبا ختم ٿيندا، پر رُڳو ثابت قدميءَ سان ڄمي بيهيبو ۽ سنڌ ھن وقت ڄمي بيٺي آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنياسي بنگالي بابائن مان جان ڇڏايو ڪينال موت جو پروانو آھن، ھي سنڌ جو شعور اوھانکي پاڻي تي ڌاڙو ڪون ھڻڻ ڏيندو ۽ ھي اھو سنڌ جو شعور آھي جيڪو اوھان سان مزاحمت ڪندو،سرڪار جيڪو ڪجھ چوندي آھي، ان جي ابتڙ ٿيندو آھي، سنڌو دريا تي ڪو بہ ڪينال، ڪو بہ ڪٽ قبول ناھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ روڄ راڙي بدران مقابلو ڪبو، شڪست جي پِٽڪي ڪرڻ بجاءِ فتح ڏانھن مارچ ڪبو پاڻ مان جيڪي صفا ڀوڪ بصر ۽ عقل کان پيدل آھن، سي ڀلي خوش ٿي جھمريون ھڻن ۽ ٽپا ڏين. جي ذرو بہ عقل اٿو، تہ سنڌين جي اکين ۾ بي انتھا ڪاوڙ کي ڏسي وٺو، سنڌين جي نعرن ۾ مزاحمت جي گجگوڙ کي سمجھي وٺو.اياز لطيف پليجي چيو تہ ھي 6 ڪينال ناھن، ھي 6 راڪاس آھن جيڪي سنڌ ڳڙڪائي ويندا جنھن سان سنڌ ڀڙڀانگ ٿي ويندي. ڪينالن جي مصيبت اوچتو آسمان مان نہ ڪري آھي ھن سنڌ دشمن منصوبو ۾ آصف علي زرداري ڀاڱي ڀائيوار آهي. وفاقي حڪومت آصف علي زرداري ۽ سندس فرزند بلاول ڀٽو زرداري جي سھڪار سان 6 نوان ڪينال پيو ٺھرائي. پيپلزپارٽي جي ھميشہ تاريخ رهي آهي ھنن سدائين سنڌ ۽ پاڪستان دشمن فيصلا ڪيا آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ چولستان ڪئنال سميت 6 نوان ڪئنال سنڌ لاءِ خطرناڪ آھن نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سر سبز سنڌ بنجر ٿي ويندي. جاھل، چور ڪرپٽ ۽ نااهل حڪمران سنڌو درياھ تي ڌاڙيل منصوبا جوڙي سنڌ جي عوام کي مارڻ چاھين ٿا. پيپلزپارٽي پارٽي جا حڪمران اقتدار ۽ پئسي جي بک ۾ سنڌ جي سنڌو درياءَ تي حملا ڪرائڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن. سنڌو درياھ سنڌ جي سڃاڻپ آھي.سنڌو درياھ کي ختم ڪرڻ، قتل ڪرڻ لاء ڪو بہ ڪئنال قبول نہ ڪيو ويندي. سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ ذريعي لکين عوام سان گڏجي مزاحمت ڪنداسين. قومي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽو جي صدر ممتاز شيخ خطاب ڪندي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ ھر دور ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو آھي. سنڌ دشمن قوتون سنڌو درياھ جي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ چاھين ٿا. سنڌي ماڻهن کي پنهنجي حق حڪمراني کان پري رکي انهن کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي. انڊس رور سسٽم ۾ سنڌ جي ضرورتن جيترو پاڻي ناھي. سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نہ ٿيڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. تمر جا ٻيلا ختم ٿي رھيا آھن. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي. جنھن ڪري سنڌ جي زرعي معيشت تباھ ٿي وئي آهي.