مٺي ( رپورٽر) آل سنڌ لا اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن ٿرپارڪر جي نئين چونڊيل ضلعي ڪابينه جي حلف برداري تقريب ۽ تعليمي سيمينار ضلعي بار ۾ ٿي گذريو. اسلا ڊويزنل صدر مسعو خان کوسو نئين ضلعي ڪابينه صدر خوشحال ميگھواڙ ، نائب صدر لجپت راءِ ، جنرل سيڪريٽري افتخار بجير، ڪوآرڊينيٽر ونود ڪمار ، جوائينٽ فھيم الله نوھڙي ۽ فنانس سيڪريٽري راشد بجير کي حلف کڻايو. تعليمي سيمينار کي مھمان مقرر طور ضلع بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ڪنور امر ، ڪبير ڀيل ۽ سکيو ايس لاشاري خطاب ڪيو ، ڪنور امر بار جي ڪردار تي ڳالھ ٻولھ ڪئي، ڪبير ڀيل سماج ۾ نوجوان وڪيل جي ڪردار تي تفصيلي خطاب ڪيو سندس چوڻ ھو ته نوجوان ھن قوم جو مستقبل آھن کين سماج جي سڀني لاڙن کي ڏسي اڳيان وڌڻو آھي، سکيو ايس لاشاري شاگردن سياست تي ڳالهائيندي چيو ته شاگرد سياست ئي سماجي روين ۽ اسان جي قوم جي سوچ بدلائي سگهي ٿي ، سنڌ جي شاگردن خاص ڪري قانون جي شاگردن کي قوم، وطن، ادارن جي مالڪي ڪرڻي آھي ، انھن کي سياسي لاڙو رکڻ گهرجي. تقريب جي آخر ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي صدر ايڊووڪيٽ موھن لال منٺاراڻي ، چيئرمين اسلا مھدي رضا سومرو ، مرڪزي جنرل سيڪريٽري دين محمد ٽالپور ، ڊويزنل جنرل سيڪريٽري ماجد نواز بجير پڻ خطاب ڪيو ، آخر ۾ تمام شاگردن شيلڊن جا تحفا ۽ وڪيلن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا.
0 تبصرے