اجلاس ۾ اين اي 2013 تي ٿيندڙ ضمني چونڊ جي انتظامن جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر اين اي 213 عمرڪوٽ و ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ پاران قومي اسيمبليء جي سيٽ اين اي 213 تي ٿيندڙ ضمني چونڊ جي سلسلي ۾ ٿيل انتظامن، سيڪيورٽي پلان، ٽرانسپورٽ پلان توڙي پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ عملي جي مقرري جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ جي درٻار ھال ۾ ھڪ اھم اجلاس منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر اين اي 213 عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ چيو ته ضمني چونڊ ۾ جن بہ آفيسرن جي ڊيوٽي لڳل آهي اھي پنھنجو قومي فريضو سمجهي پنھنجي ڊيوٽي احسن طريقي سان سرانجام ڏين، انھي سلسلي ۾ ڪوتاهي ڪندڙن جي خلاف اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تحت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ان موقعي تي ھن پولنگ اسٽيشنن، پولنگ عملي جي مقرري، ٽرانسپورٽ پلان توڙي سيڪيورٽي پلان جي حوالي سان مڪمل بريفنگ ورتي، ان موقعي تي ھن چيو ته انتھائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون وينديون، ان موقعي تي ھن ڊي او ايجوڪيشن عمرڪوٽ کي ھدايت ڪندي چيو ته سمورن پولنگ اسٽيشنن تي فرنيچر توڙي چوڪيدار جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو وڃي، ان موقعي تي ھن سيڪريٽري آر ٽي اي عمرڪوٽ سيد شيراز علي شاھ کي ھدايت ڪندي چيو ته ٽرانسپورٽ پلان توڙي روٽ ميپ مڪمل ڪري رپورٽ ڏني وڃي ۽ ٽرانسپورٽ پلان ۾ شامل گاڏين جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي، ان موقعي تي ھن ايڪسي اين ايجوڪيشن ورڪس عمرڪوٽ وشال ڪمار کي ھدايت ڪندي چيو ته سمورن پولنگ اسٽيشنن تي گھربل ضروري بنيادي سهولتن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ان جو سرٽيفڪيٽ ڏنو وڃي، ان موقعي تي ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ اجلاس کي سيڪيورٽي پلان جي حوالي سان مڪمل بريفنگ ڏيندي چيو ته اين اي 213 تي ٿيندڙ ضمني چونڊ جي لاءِ 498 پولنگ اسٽيشنن قائم ڪيون ويون آهن، جنھن ۾ 92 انتھائي حساس پولنگ اسٽيشنن، 264 حساس پولنگ اسٽيشنن، 1816 پولنگ بوٿ ٺاهيا ويا آھن، ھن چيو ته انتھائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي 8 پوليس اهلڪار، حساس پولنگ اسٽيشنن تي 6 پوليس اهلڪار، نارمل پولنگ اسٽيشنن تي 4 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا جڏهن ته ڪل 723 پوليس اهلڪار سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيا ويندا، ھن چيو ته سمورن سياسي پارٽين توڙي سياسي ورڪرن کي پولنگ اسٽيشنن جي ٻاهران ڪنھن بہ قسم جي رش نه ڪرڻ گهرجي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان مڪمل سهڪار ڪرڻ گهرجي، ان موقعي تي ريٽرننگ آفيسر اين اي 213 عمرڪوٽ رجب علي سٺيو اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ضمني چونڊ جي سلسلي ۾ پولنگ اسٽيشنن تي جيڪو بہ پولنگ عملو مقرر ڪيو ويو آھي انھن جي حاضري 12 اپريل تي ڊسپيچ پوائنٽ ڪلچرل ڪامپليڪس عمرڪوٽ ۾ لڳائي ويندي جنھن جي لاءِ سمورا ضلعي آفيسرز پنھنجي عملي جي حاضري کي يقيني بڻائن، ان موقعي تي ھن ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جي سي ايم او کي ھدايت ڪندي چيو ته ڊسپيچ پوائنٽ ڪلچرل ڪامپليڪس ۾ 16 تي ڪرسين، پيئڻ جي پاڻي جي سھولت توڙي صفائي سٿرائي جي حوالي سان انتظام مڪمل ڪيا وڃن، ان موقعي تي ھن ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي کي ھدايت ڪندي چيو ته ضمني چونڊ جي سلسلي ۾ ڊسپيچ پوائنٽ تي ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪري جي لاءِ ميڊيڪل ڊاڪٽر توڙي پيراميڊيڪل اسٽاف مقرر ڪيو وڃي، ان موقعي تي اجلاس ۾ پاڪ فوج جي ڪئپٽن ڪامران، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر عمرڪوٽ سيد طيب انور شاھ بخاري، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر عمرڪوٽ محمد عالم سومرو، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو و پٿورو سنجي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، ايڪسي اين حيسڪو عمرڪوٽ امتياز ميمڻ، ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي، اسسٽنٽ انجنيئر پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ عمرڪوٽ سيد حيدر شاھ، سي ايم او عمرڪوٽ سيد ساجد شاھ، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر عمرڪوٽ نور محمد شيخ، ڊي او ايجوڪيشن عمرڪوٽ عنايت الله ڪنڀر، ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر و سي ايم او ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ امتياز علي هاليپوٽو، ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسر عمرڪوٽ سليمان راھمون، پرنسپال ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ پروفيسر عبدالرؤف سومرو، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ھريش چندر، صوبيدار روشن، مختيارڪار عمرڪوٽ اظھر چاچڙ، مختيارڪار پٿورو علي شير سميجو، مختيارڪار سامارو آصف ڪالرو، ٽائون آفيسر فرحان لغاري، سيڪريٽري آر ٽي اي سيد شيراز علي شاھ، ٽريفڪ انچارج عمرڪوٽ نور محمد سومرو، ٽائون آفيسر جھانزيب آرائين ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.
0 تبصرے