نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ پيپلزپارٽي جي ضلعي قيادت پاران مرڪزي سڏ تي ڪئنال منصوبي خلاف ضلعي صدر سهيل اختر عباسي ، مسرور احمد راڄپر، ايم اين اي ذوالفقار علي بهڻ، ايم پي اي حسن علي شاهه، ايم پي اي سيد سرفراز حسين شاهه ،ليديز ونگ جي صدر فاطمہ شهناز انصاري، خالد مسعود چنا، دوست علي سولنگي، علي اڪبر سمون، عثمان عالماڻي، پير خالد سيف الله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عباسي هائوس کان هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن تان ٿيندي پريس ڪلب پهتي جتي مظاهرين کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري عمل جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ اهي ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ ٺهڻ نه ڏينداسين هنن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو تحفظ ڪندي آهي ڪالاباغ ڊيم هجي يا وري ڪهڙو به سنڌ دشمن منصوبو هجي ان خلاف آواز اٿاريو آهي هي 6 ڪئنال ڪڍڻ وارو معاملو ته اسان جي جياپو جو معاملو آهي جيڪو نامنظور آهي ھنن چيو ته اڄ سڄي سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف پيپلزپارٽي جا جيالا سراپا احتجاج بڻيل آهن پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ڪئنالن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ھنن چتاءُ ڏنو ته ڪئنال ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پاڪستان پيپلزپارٽي مزاحمت ڪندي.
0 تبصرے