English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ مارواڙي ڀٽي جماعت پاڪستان جي انتظام هيٺ افطار پروگرام
views
|
24th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
پروگرام ۾ ضياءُ الرحمان، حافظ عرفان شاهين، شهزاد پريمي، راشد ڪامران، اڪرام اقبال ۽ ٻين جي شرڪت
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)مارواڙي ڀٽي جماعت پاڪستان جي انتظام هيٺ جماعت جي اداري "نئين اميد، نئين زندگي" منشيات جي بحالي مرڪز ۾ هڪ خاص افطار پروگرام منعقد ڪيو ويو. هن بابرڪت موقعي تي جماعت جي اعليٰ قيادت، معزز شخصيتن، ۽ صحافين کي خاص طور تي دعوت ڏني وئي ته جيئن بحالي جي مرحلن، مريضن جي حالت، ۽ علاج جي عمل بابت آگاهي ڏني وڃي.افطار پروگرام ۾ جماعت جي اعليٰ قيادت شرڪت ڪئي، جن ۾ شامل هئا:چيئرمين شوريٰ ڪميٽي محمد آصف ڀٽيڊائريڪٽر فنانس سيڪريٽري حاجي ضياءُ الرحمان ڊائريڪٽرجنرل سيڪريٽري حافظ عرفان شاهين ڪنري ريجن هيڊ شهزاد پريمي سينيئر شوريٰ ميمبر راشد ڪامران، اڪرام اقبال شعبه ويلفيئر ڪنري ريجن سربراهه ارشد صديق ۽ ڪراچي ريجن ويلفيئر ميمبر شاهد حيدرشعبه ميمبر شاهد اصغر، راشد اڪبر، ۽ امجد بامن چيئرمين شوريٰ ڪميٽي محمد آصف ڀٽي ميڊيا کي ٻڌايو ته "نئين اميد، نئين زندگي" منشيات جي بحالي جو واحد ادارو آهي،جيڪوضلع عمرڪوٽ ۽ ڊويزن ميرپور خاص جي سڀ کان وڏي سينٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي. هتي سنڌ جي مختلف علائقن مان مريض مفت علاج حاصل ڪري رهيا آهن. هن مريضن جي حوصلا افزائي ڪندي چيو،"زندگي ڏانهن واپس اچڻ هڪ نعمت آهي، ۽ توهان سڀني کي پاڻ سان واعدو ڪرڻ گهرجي ته منشيات جهڙي لعنت کان هميشه لاءِ پري رهندؤ ۽ پنهنجي خاندان جي بهتري لاءِ ڪم ڪندؤ."ڊائريڪٽر فنانس سيڪريٽري حاجي ضياءُ الرحمان ميڊيا کي ٻڌايو ته هن وقت بحالي مرڪز ۾ 60 مريض علاج هيٺ آهن، جڏهن ته 10 ماڻهو مڪمل بحالي بعد عام زندگي ڏانهن موٽي چڪا آهن.ڊائريڪٽر جنرل سيڪريٽري حافظ عرفان شاهين عوام کي اپيل ڪئي ته "منشيات کان متاثر ٿيل ماڻهو پاڻ فيصلا ڪرڻ جي قابل نه هوندا آهن، انهن کي پنهنجن جي مدد جي ضرورت هوندي آهي. هتي اچو، همت ڪريو، علاج ممڪن آهي، ته جيئن اسان سڀ گڏجي هڪ بهتر معاشرو ٺاهي سگهون ۽ منشيات کان پاڪ پاڪستان جو خواب پورو ڪري سگهون." ڪنري ريجن هيڊ شهزاد پريمي چيو ته "منشيات جو شڪار رڳو هڪ فرد نه پر پورو خاندان متاثر ٿيندو آهي. هتي علاج هيٺ 60 مريضن سان گڏ 120 خاندان مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. اسان کي بحالي جي عمل ذريعي انهن خاندانن کي نئين اميد فراهم ڪرڻي آهي."ڪراچي ريجن شعبه ويلفيئر ميمبر شاهد حيدر چيو،"ڪراچي مان به وڏي انگ ۾ مريض هتي علاج لاءِ آيا آهن، ۽ مان ڏسي رهيو آهيان ته اهي تمام تيزي سان صحتياب ٿي رهيا آهن. ان جو سهرو بحالي مرڪز جي تجربيڪار ٽيم ۽ ماهر ڊاڪٽرن کي وڃي ٿو، جيڪي ڏينهن رات انهن مريضن جي مدد ڪري رهيا آهن. ان شاءَ الله، ڪراچي ريجن هميشه هن مشن جو ساٿي رهندو."افطار پروگرام ۾ شريڪ صحافين بحالي مرڪز جي صفائي، نظم و ضبط، ۽ مريضن جي موثر ڪائونسلنگ جي واکاڻ ڪئي. انهن مارواڙي ڀٽي جماعت پاڪستان جي انسانيت لاءِ بي لوث خدمتن کي ساراهيندي چيو،هي جماعت بنا ڪنهن فرق جي هر ضرورت مند جي مدد ڪري رهي آهي، جيڪو ساراهڻ جوڳو عمل آهي. اسان کي اميد آهي ته هي مشن وڌيڪ اڳتي وڌندو ۽ منشيات خلاف مضبوط مهم جي بنياد بڻجندو."هي پروگرام نه رڳو افطار جو سعادت ڀريو موقعو هو، پر اهو هڪ مثبت پيغام به هو ته منشيات خلاف جنگ ۾ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
18th Apr 2025
•
تازہ ترین
خیرپور: ببرلوءِ بائی پاس پر وکلاء کی قيادت میں دریائے سندھ سے نئے کینال نکالنے والے سندھ دشمن فیصلے کے خلاف دھرنا جاری، ہزاروں افراد کی شرکت
16th Apr 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مورو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 10 کان وڌيڪ گرفتار
16th Apr 2025
•
سندھ
کراچی میں ٹریفک قوانین کی خلاف ورزی, ایک ہفتے کے دوران 11,276 موٹر سائیکلیں اور 223 بھاری و ہلکی گاڑیاں ضبط
16th Apr 2025
•
تازہ ترین
بی این پی مینگل کا 20 روز سے جاری دھرنا ختم کرنے کا اعلان
18th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاهڻ واري سنڌ دشمن فيصلي خلاف وڪيلن جو ٻٻرلوءِ باء پاس تي ڌرڻو ، هزارين ماڻهو شريڪ
18th Apr 2025
•
تازہ ترین
خیرپور: ببرلوءِ بائی پاس پر وکلاء کی قيادت میں دریائے سندھ سے نئے کینال نکالنے والے سندھ دشمن فیصلے کے خلاف دھرنا جاری، ہزاروں افراد کی شرکت
16th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي مان اغوا ڄاڻايل ناري خيرپور واسي سئوٽ سان پرڻو ڪري ڇڏيو
16th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ڌڻي پرتو ڳوٺ ۾ پاڪستان پبلڪ اسڪول ۾ سالياني امتحانن ۾ پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
مارواڙي ڀٽي جماعت پاڪستان
0 تبصرے