مورو ۾ سيپڪو عملي جو رينجرز ۽ پوليس سان گڏ آپريشن

مورو ۾ سيپڪو عملي جو رينجرز ۽ پوليس سان گڏ آپريشن

مورو(جاني جماڻي)مورو واپڊا سيپڪو جي انجنيئر امداد الله انڙ، ايس ڊي او فاروق احمد ڪابورو جي اڳواڻي رينجرس پوليس ۽ عملي سان مورو شھر جي مين روڊ، جيل روڊ، دادو چونڪ سميت مختلف ھنڌن تي آپريشن، واپڊا آپريشن دوران ڪيترائي غير قانوني لڳايل ڪنڊا ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا جڏھن تہ بقايا نہ پياريندڙن کي گرفتار ڪرايو ويو ۽ بل جمع ڪرائڻ بعد کين آزاد ڪيو ويو ان موقعي تي انجنيئر واپڊا سيپڪو مورو امداد ﷲ انڙ، ايس ڊي او فاروق ڪابورو جو چوڻ ھو تہ مورو شھر ۾ بجلي چوري کي روڪڻ ۽ لکين رپيا رھت بجلي جي بقايا نہ پياريندڙن خلاف رينجرس سان گڏ آپريشن ھلندڙ آھي جيڪو بقايا جي رڪوري ۽ چوري کي روڪڻ تائين جاري رھندو بجلي صارفين کي گھرجي تہ اھي پنھنجو بقايا بل جمع ڪرائين باقيدارن جي لسٽ مان ٻاھر نڪري اچن ۽ چوري ڪنڊا ڪنيڪشن ختم ڪري ميٽر لڳرائين ٻي صورت آپريشن دوران ڪا رعايت نہ ڪئي ويندي.