English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مورو ۾ سيد غوث علي شاهه المعروف پيارو سائين جي درگاهه تي فقراءَ محفل
views
|
18th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
گادي نشين ۽ بزم صوفياءِ سنڌ جي صدر صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو، ولي عھد جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙو ۽ ٻيا شريڪ
مورو (رپورٽر) مورو شھر جي مشھور صوفي بزرگ حضرت سيد غوث علي شاھ المعروف پيارو سائين رح جي درگاھ تي ماھوار فقرائي محفل عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ درگاهه جي گادي نشين ۽ بزم صوفياءِ سنڌ جي صدر صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو، ولي عھد جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙو، محمد اسجل ڪانڌڙو جي اڳواڻي ۾ روح پرور محفل ٿي گذري جنهن ۾ صوفي راڳين فقيرن مريدن عقيدت مندن شھرين اديبن شاعرن ليکڪن دوڪاندارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ پياري فقير جي مزار تي پهچي درگاهه تي چادر چاڙھي وئي. جتي خطاب ڪندي درگاھ جي گادي نشين صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو، ولي عھد جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙو، محمد اسجل ڪانڌڙو چيو تہ سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي چولستان جا تڪراري ڪينال ھرگز قبول ناھن اھي ڪينال انسانيت جو سماجي معاشي قتل آھي اھو ڪھڙو انصاف آھي جو ھڪ سرسبز شاداب زمين کي بنجر بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي سنڌ سان اھڙو سلوڪ ناقابل برداشت آھي درگاھون پيار محبت امن جو درس ڏين ٿيون ھنن درگاھن تان صوفي ازم ۽ انسانيت جو پيغام ملي ٿو ھن چيو تہ پيارو فقير ھميشھ انسانيت جي ڀلائي سک جون دعائون ڏيندو رھيو ھن جا ڪيترائي معجزا آھن ۽ ھن درگاھ تان ماڻھون فيضياب ٿيا آھن. بعد ۾ ھڪ صوفياڻي راڳ جي محفل منعقد ٿي جنھن کي صوفي فنڪارن شھباز علي زرداري، فقير پير روشن علي، فقير قادر بخش عمراڻي، اختر ڪولاچي، نعيم ابڙو، جڏهن تہ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض ھادي بخش چانڊيو ادا ڪيا ۽ ٻين صوفياڻي ڪلام ڳائي ويٺل تي وجد طاري ڪري ڇڏيو. بعد ۾ لنگر عام تقسيم ڪيو ويو جڏهن ته صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل پرھ ڦٽي تائين جاري رهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت – سرزمين لاءِ امر قرباني....!
25th Jul 2025
•
تازہ ترین
گھوٹکی: ٹک ٹاکر ثمیرا ملک کی لاش برآمد، ورثاء کا قتل کا شبہ، دو افراد گرفتار
25th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
انسانيت جو قتل دھشتگردي نام نهاد غيرت
25th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن تي تشدد آمريت جي ياد تازي ڪري ڇڏي
28th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت – سرزمين لاءِ امر قرباني....!
27th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز پبلڪ پارڪ ۾ سهولتون فراهم ڪيون وينديون: سهيل اختر عباسي
27th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۽ ڀرپاسي برساتن بعد مڇرن جو آزار وڌي ويو، ڳوٺاڻا پريشان
27th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ھر ضلعي اندر نئين رياست قائم ڪئي ويندي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
مورو
حضرت سيد غوث علي شاھ
0 تبصرے