نوشهروفيروز ۾ اين سي ايڇ ڊي جي فيڊر ٽيچر ايسوسيئيشن جي ريلي

نوشهروفيروز ۾ اين سي ايڇ ڊي جي فيڊر ٽيچر ايسوسيئيشن جي ريلي

نوشهروفيروز(ڊ ر)اين سي ايڇ ڊي جي فيڊر ٽيچر ايسوسئيشن پاران پڪو نه ڪرڻ ۽ پگهارون جاري نه ڪرڻ خلاف ايف ٽي اي جي مرڪزي صدر خان محمد ملاح، عبدالرافع ڪيريو، عبدالغفار ڏيٿو، محب علي مري۔ ارشاد مورو،عاشق راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيس کان پريس ڪلب نوشهروفيروز تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي۔ ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل 20 سالن کان سنڌ جي مختلف اسڪولن ۾ معصوم ٻارن کي تعليم ڏئي رهيا آھيون کين ٽن کان چئن مهينن بعد پگهارون ڏنيو وڃن وڃڻ ٿيون وقت سر پگهارون نه ٿيڻ ڪري مهانگائي جي دؤر ۾ فاڪا ڪشي واري زندگي گذاري رهيا آھيون ان ڪري اسان کي پرسنل آئي ڊي ذريعي پگهار ڏني وڃي جڏهن ته سنڌ حڪومت طرفان رٽائرمينٽ 60 سال مقرر آھي پر اسان جي ملازمن جي رٽائر ٿيڻ جي عمر حد 55 سال مقرر ڪئي وئي آھي جيڪا وڌائي 60 ڪئي وڃي سنڌ اسيمبلي بعد ڪابينا ۾ اسان استادن جي پگهار 37 هزار روپيا مقرر ڪئي وئي هئي جيڪا 9 مهينا گذرڻ باوجود به اسان کي ناهي ملي سگهي اسان مطالبو ٿا ڪيون ته عيدالفطر کان اڳ ڊفرنس بلن سميت رهيل پگهارون جاري ڪيون وڃن جيڪڏهن اسان جي مطالبن تي عمل نه ٿيو ته عيد بعد احتجاج جو رخ ڪراچي جي اعلا ايوانن ڏانهن ڪنداسين۔