English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن وارو اسٽيوٽا اسپورٽس فيسٽيول ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو
94 views
|
28th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
فيسٽيول ۾ڪرڪيٽ، ٽيبل ٽينس، بيڊمنٽن ۽ 100 ميٽر ريس جا سنسني خيز مقابلا منعقد ڪيا ويا
ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڪراچي ۾ ٻه ڏينهن وارو اسٽيوٽا اسپورٽس فيسٽيول ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو، جنهن ۾ ڪرڪيٽ، ٽيبل ٽينس، بيڊمنٽن ۽ 100 ميٽر ريس جا سنسني خيز مقابلا منعقد ڪيا ويا. فيسٽيول ۾ ڊويزن سطح جي ٽيمون شريڪ ٿيون ۽ پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. نمائشي ڪرڪيٽ ميچ ۾ چيئرمين اليون ايم ڊي اليون کي شڪست ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون ۽ چيئرمين اسٽيوٽا جنيد بلند جي شاندار اننگ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. ٻئي طرف ريس ۾ چيئرمين جنيد بلند ايم ڊي اسٽيوٽا، ريجنل ڊائريڪٽرن ۽ ڊائريڪٽرن سان گڏ اسٽاف جون ڊوڙيون لڳرايون. اسٽاف کي ڀڄائي ڀڄائي آخر ۾ چيئرمين فتح حاصل ڪئي. چيئرمين جنيد بلند ايم ڊي اسٽيوٽا منور علي مٺاڻي سان آرم ريسلنگ سان گڏ سمورن شاگردن سان بيڊمنٽن، ڪرڪيٽ ۽ ٽيبل ٽينس به کيڏي. ٻئي طرف ڪرڪيٽ جي فائنل ۾ لاڙڪاڻي ريجن ميرپورخاص ريجن کي سنسني خيز مقابلي بعد شڪست ڏئي ڇڏي. لاڙڪاڻي جي ٽيم جارحاڻي بيٽنگ ڪندي بائونڊرين جي برسات ڪئي. ٽيبل ٽينس ۽ بيڊمنٽن جي مقابلن ۾ ڪراچي ريجن جي رانديگرن پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته 100 ميٽر ريس ۾ حيدرآباد جا رانديگر ميدان ماري ويا. پڄاڻي واري تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون ۽ چيئرمين اسٽيوٽا جنيد بلند خطاب ڪندي چيو ته اسٽيوٽا اسپورٽس فيسٽيول جو مقصد نوجوانن کي مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ، راندين جا ميدان فعال بڻائڻ ۽ هنر، تعليم سان گڏ راندين جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي.هن وڌيڪ چيو ته ذهني ۽ جسماني صلاحيتن جي بهتري سان ئي ملڪ جي ترقي ممڪن آهي. اسٽيوٽا جو هي ايونٽ هڪ مثبت قدم آهي، ۽ سنڌ حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ته صوبي جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ راندين کي فروغ ڏنو وڃي. اسان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن مطابق اڳتي وڌي رهيا آهيون، جنهن ۾ نوجوانن کي بهتر تعليم، تربيت ۽ راندين جا موقعا ڏيڻ شامل آهن. مينجنگ ڊائريڪٽر اسٽيٽا منور علي مٺاڻي چيو ته منشيات سميت ٻين سماجي برائين جي خاتمي لاءِ نوجوانن کي ذهني ۽ جسماني سرگرمين ۾ مصروف رکڻ ضروري آهي. اسان نه رڳو ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل تعليم فراهم ڪري رهيا آهيون، پر راندين کي به فروغ ڏئي رهيا آهيون. سنڌ حڪومت جو هي ادارو صوبي جي ٽيلنٽ کي سامهون آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. چيئرمين جنيد بلند سڀني فاتح رانديگرن ۾ ميڊلز ۽ شيلڊز ورهايون ۽ مبارڪباد پيش ڪئي. تقريب ۾ شاندار آتشبازي جو مظاهرو به ڪيو ويو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Mar 2026
•
سندھ
مٹھیانی کے قریب پرانے تنازع پر فائرنگ، عدالت جانے والے 2 افراد قتل
13th Mar 2026
•
پاکستان
کوہستان مالیاتی اسکینڈل: گرفتار ملزم کے گھر کو منجمد کرنے کا حکم معطل
13th Mar 2026
•
دنیا
روس اور ایران عالمی معیشت کو “ہائی جیک” کرنا چاہتے ہیں: برطانوی وزیر خارجہ
13th Mar 2026
•
دنیا
امریکہ کی جانب سے عراق میں گر کر تباہ ہونے والے طیارے میں 4 فوجیوں کی ہلاکت کی تصدیق
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو ناليواري شاعر حليم باغي سان فون تي رابطو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سستو ورتل پئٽرول مھانگو ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ اربين روپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي وئي: اياز لطيف پليجو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مان 6 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ احتجاج جاري
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ بخاري محلي واسين جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
اسٽيوٽا اسپورٽس فيسٽيول
فيسٽيول ۾ ڊويزن سطح
0 تبصرے