English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايس ايس پي نوشهروفيروز جي اڳواڻي ۾ مختلف شهرن ۾ فليگ مارچ
101 views
|
07th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز سٽي، مورو ۽ ٻين شهرن ۾ رمضان دوران امن امان جي حوالي سان فليگ مارچ ڪيو ويو
نوشهروفيروز/مورو(رپورٽرز وٽان) رمضان المبارڪ جي مھيني ۾ امن امان جي حوالي سان ايس ايس پي نوشھروفيروز سنگھار ملڪ جي اڳواڻي ۾ فليگ مارچ.ايس ايس پي نوشهروفيروز سنگھار ملڪ جي نگراني ۾ رمضان جي مقدس مهيني دوران امن امان کي بهتر بڻائڻ ۽ برقرار رکڻ لاءِ نوشهروفيروز سٽي ۽ مورو سميت مختلف شهرن ۾ پوليس موبائيلن تي فليگ مارچ ڪيو ويو. فليگ مارچ ۾ سب ڊويزنل پوليس آفيسرن سميت وڏي تعداد ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن شرڪت ڪئي. جڏهن ته فليگ مارچ دوران ايس ايس پي نوشھروفيروز سنگھار ملڪ مورو مين روڊ، شاھي بازار جي ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ڪئي جنھن دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ فليگ مارچ جو مقصد عوام کي تحفظ ۽ يقين ڏيارڻ آهي، امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۽ برقرار رکڻ لاءِ ضلعي جي سڀني داخلي ۽ خارجي رستن تي اسنيپ چيڪنگ جو سلسلو پڻ جاري آهي سڀني گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن جي چيڪنگ ڪئي پئي وڃي ۽ شڪي ماڻهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. اعليٰ پوليس آفيسرن جي نگراني ۾ سنيپ چيڪنگ دوران، سڀني گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن مان فينسي نمبر پليٽون، رنگين ۽ ڪارا شيشا، پريشر هارن، نيريون بتيون وغيره پڻ هٽايو پيو وڃي. ھن چيو تہ جيل معاملي جي انڪوائري ھلندڙ آھي ذميوارن تي ڪيس داخل آھي ڪنھن کي بخش نہ ڪيو ويندو ھر حوالي سان محڪماتي ڪارروائي ٿيندي، ھن چيو تہ ٽريفڪ جي نظام بھتر بڻائڻ لاءِ مورو شھر ۾ 20 ٽريفڪ پوليس اھلڪار مقرر آھن ۽ وڌيڪ پڻ مقرر ڪيا ويندا شھرين جي ھر شڪايت جو ازالو ڪيو ويندو ۽ پيادل پيٽرولنگ ڪري عوام جي جان مال جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Mar 2026
•
سندھ
مٹھیانی کے قریب پرانے تنازع پر فائرنگ، عدالت جانے والے 2 افراد قتل
13th Mar 2026
•
پاکستان
کوہستان مالیاتی اسکینڈل: گرفتار ملزم کے گھر کو منجمد کرنے کا حکم معطل
13th Mar 2026
•
دنیا
روس اور ایران عالمی معیشت کو “ہائی جیک” کرنا چاہتے ہیں: برطانوی وزیر خارجہ
13th Mar 2026
•
دنیا
امریکہ کی جانب سے عراق میں گر کر تباہ ہونے والے طیارے میں 4 فوجیوں کی ہلاکت کی تصدیق
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو ناليواري شاعر حليم باغي سان فون تي رابطو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سستو ورتل پئٽرول مھانگو ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ اربين روپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي وئي: اياز لطيف پليجو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مان 6 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ احتجاج جاري
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ بخاري محلي واسين جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز
ايس ايس پي نوشهروفيروز
0 تبصرے