سجاول (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر سجاول پاران سول اسپتال جاتي جو اوچتو دورو ، مختلف شعبن جو معائنو صحت جي سھولتن جو جائزو -: ڊپٽي ڪمشنر سجاول زاهد حسين رند چيو آهي ته ڊاڪٽر جيڪڏهن پنهنجي پيشي سان مخلص ، انسان دوست ۽ خدمت جو جذبو رکي ته شفا الله تعاليٰ وٽان انعام آهي ، ڊاڪٽر مريضن لاءِ ھڪ مسيحا آهن ، مسيحا ڏکايل انسانيت، غريبن، لاچارن ۽ بي وس ماڻھن سان محبت ۽ شفقت جا چند لفظ ئي ھڪ بيمار جي بيماريءَ کي ختم ڪري سگهن ٿا . اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سول اسپتال جاتي جي اوچتي دوري دوارن ڳالھائيندي ڪيو . ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلعي جي سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن کي بهتر طبي ۽ ٻيون گهربل سهولتون فراهم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش جاري آهي - هن سمورن ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي سختي سان هدايت ڪئي ته مريضن کي مفت دوائن جي فراهمي کي ھر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي ۽ علاج جون بهتر سهولتون ڏنيون وڃن ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ فائدو حاصل ٿي سگهي ، ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت ۽ ڪوتاهي ھر گز برداشت نه ڪئي ويندي - ڊپٽي ڪمشنر سول اسپتال جي مختلف شعبن ، او پي ڊي ۽ ميڊيڪل اسٽور جو معائنو ڪيو ۽ موجود ڊيوٽي آفيسر ڊاڪٽرن کان او پي ڊي جي معاملن ۽ ٻين مسئلن سميت دوائن جا تفصيل پڻ معلوم ڪيا ۽ دوائن جو رڪارڊ پڻ چيڪ ڪيو . ان موقعي تي سول سرجن ۽ ڊيوٽي آفيسر ڊاڪٽرن ڊپٽي ڪمشنر کي او پي ڊي جي انگن اکرن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ درپيش مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو . ھن سول اسپتال ۾ صفائي سٿرائي ۽ ٻين سمورن معاملن کي وڌيڪ بھتر بڻائڻ جي پڻ ھدايت ڪئي - ڊپٽي ڪمشنر زاھد حسين رند چيو ته عوام کي صحت سميت گھربل بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ضلعي انتظاميه جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي، ڊپٽي ڪمشنر سجاول پاران جاتي شھر جي مختلف بازارن ۽ مارڪيٽن جو اوچتو دورو ، شين جي قيمتن جو جائزو -ڊپٽي ڪمشنر زاھد حسين رند جاتي شھر جي مختلف اسٽالن ، بازارن ۽ مارڪيٽن جو اوچتو دورو ڪري شين جي ڪوالٽي ۽ خاص طور تي قيمتن جو تفصيلي جائزو ورتو - ھن ان وقت خريداري ۾ مصروف شھرين کان شين جي ڪوالٽي ۽ قيمتن بابت معلومات ورتي - ڊپٽي ڪمشنر شھرين کي اپيل ڪئي ته ھو ڪنھن به اسٽال يا دڪان تي ريٽ لسٽ نمايان طور لڳل نه ھجڻ يا وڌيڪ قيمتون وصول ڪيون وڃن ته فوري طور تي شڪايت سيل ۾ جيڪا ھر رمضان بازار ۾ قائم ڪيون ويون آهن اتي وڃي اطلاع ڏين ته جيئن موقعي تي ئي ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي - ھن رمضان بازارن ۾ کنڊ ۽ اٽي جي اسٽالن جو پڻ جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي پڻ ھدايت ڪئي ته صفائي سٿرائي جي انتظامن جو پڻ جائزو ۽ بازارن ۾ گندگي ڦيلائڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي - ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر زاھد حسين رند اسسٽنٽ ڪمشنر سميت روينيو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن ۽ عملي کي ھدايت ڪئي ته ھو روزاني جي بنياد تي بازارن جو اوچتو دورو ڪري قيمتن تي ضابطو برقرار رکيو وڃي ، منافع خورن ۽ وڌيڪ قيمتون وصول ڪرڻ وارن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي ته جيئن ھن مھنگائي جي دور ۽ رمضان شريف جي برڪتن واري مھيني ۾ عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪري سگهجي
0 تبصرے