نظم The Raven

فوزيه سنديلو

نظم The Raven

Edgar Allen Poe آمريڪي ليکڪ، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار جنهن جي مکيه سڃاڻپ هن جون مختصر ڪهاڻيون آهن ان جو هڪ نظم The Raven پڙهندي درد ۽ تڪليف جو اذيتناڪ احساس ٿيو، اهڙو درد جيڪو ڪنهن جي اوچتو وڇڙي وڃڻ سبب روح کي رهڙي وجهندو آهي. هي هڪ ڪهاڻي تي ٻڌل نظم آهي.ڊسمبر جو اداس مهينو آهي رات ٿڌي آهي نظم جو narrator ڪو پراڻو ڪتاب پڙھي رهيو آهي. هو دکي آهي، غمگين آهي ڇاڪاڻ ته ڪجهه ئي وقت پهريان هن جي پياري محبوبه لينور Lenore جو موت ٿيو آهي. وڇوڙي جي اذيت ڀوڳيندڙ اهو ماڻهو ڪتاب پڙهندي پنهنجي بستري تي سمهي پيو آهي. فرش تي ٽانڊن جي هلڪي تپش باقي هئي. ڊسمبر جي ان دکدائڪ رات ۾ جڏهن هن کي ننڊ جو هلڪو جهوٽو اچي وڃين ٿو اچانڪ دروازي تي ٺڪ ٺڪ جو آواز ٿئي ٿو هو جاڳي پوي ٿو ۽ سوچي ٿو هن وقت دروازي تي ڪير ٿي سگهي ٿو.

هڪ مئل اميد هن جي اندر جاڳي پوي ٿي " شايد Lenore هجي" پشم جا واڱڻائي پيدا لڏڻ لڳن ٿا هن تي خوف طاري ٿئي ٿو اهڙو خوف جيڪو هن اڳ ڪڏھن محسوس نه ڪيو آهي. ڌڙڪندڙ دل سان هو دروازو کولي ٿو. اتي ته ڪير به ناهي، اونده ۽ صرف اونده آهي darkness there and nothing more.. ايڏي خاموشي، تنهائي ۽ اونده آهي! هن جي چپن تي هڪ نانء اچي ٿو Lenore!!

واپس ڪمري ۾ اچي ٿو هن جو روح تڙپي رهيو آهي. دروازو ٻيهر کڙڪي ٿو. شايد هوا جي ڪري هو چئي ٿو

This is the wind and nothing more!

هو دروازو کولي ٿو پر ٺڪ ٺڪ جو آواز ته دريء وٽان اچي ٿو. هو دري کولي ٿو تنهن مهل هڪ ڪانء Raven پر ڦڙڪائيندو ڏاهپ جي ديوي اٿينا جي مجسمي مٿان ويهي رهي ٿو. هو جڏهن ڪانء کان ڪجهه پڇي ٿو ته اهو صرف هڪ جواب ڏي ٿو nevermore ڪڏھن به نه! هو سوچي ٿو صبح ٿيندي ئي هي پکي به مون کي ايئن ڇڏي هليو ويندو جيئن سڀ ساٿي مون کي اڪيلو ڇڏي ويا آهن. تڏھن پکي چئي ٿو Nevermore ڪڏھن به نه!

هو سوچي ٿو شايد هن پکيء پنهنجي مالڪ کان اهو لفظ سکيو آهي، شايد هن جو مالڪ به ڪنهن درد منجهان گذريو هجي ۽ ان ئي هن ڪانء کي اهو لفظ سيکاريو هجي. هو پڇيس ٿو تنهنجو نالو ڇا آهي؟

ڪانء جواب ڏي ٿو Nevermore!

اهو ڪانء به قديم دور جو ڪانء پيو لڳي. ان ڪانء جون باهه وانگر ٻرندڙ اکيون هن جي سيني اندر چڀي وڃن ٿيون. هوا ۾ خوشبو ڦهلجي وڃي ٿي ڄڻ ڪنهن پرفيوم هاري هجي! هو پڇيس ٿو " ڇا تون ڪو نبي آهين؟ پکي آهين يا تون ڪو شيطان آهين؟ ڀلا منهنجي دکي آتما کي اهو ٻڌاء ته مان پنهنجي پياري Lenore سان مرڻ بعد جنت ۾ ملي سگهندس؟ پکي جواب ڏي ٿو Nevermore! ڪڏھن به نه! اهو ٻڌي هو غصي ۾ اچي وڃين ٿو ۽ ڪانء کي اتان هليو وڃڻ جو چوي ٿو. " جتان آيو آهين اوڏانھن هليو وڃ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏي. ڪانء چئي ٿو Nevermore! ڪڏھن به نه!! هن کي لڳي ٿو هن جي آتما پکيء جي پاڇي ۾ لڪي وئي آهي ۽ ڪڏھن به آزاد نه ٿي سگهندي!!