پراڻي عمارت جي پڪين سرن واري ڀت اڃان اتي بيٺل آهي جنهن کي ٽيڪ ڏئي ننڍپڻ ۾ هو ڇولا کپائيندو هو. اها گهٽي ۽ اهو ڪاٺ جو ٺھيل قديم دروازو جيڪو هن جي عمر کان به ڪافي وڏو آهي اتي ئي بيٺل آهي ۽ ان دروازي اندر گهرن جي هڪ قطار، ڊٺل ۽ اجڙيل گهر جتي هينئر ته ماڻهو نالي ۾ رهن ٿا پر ڪنهن دور ۾ اهو سڄي پاڙي جو هڪ مرڪز هوندو هو. منهنجي ناناڻن جو گهر. اسان جي ناني ان جون ڀينرون ڀائر ڀائٽيا سڀ هڪ در اندر گڏ رهندا هئا. هڪ ڊگهو ڪشادو اڱڻ هوندو هو، هڪ نم جو گهاٽو وڻ ۽ عاليشان سنجهي/ ٽالهي ء جو وڻ. اتي هر وقت هلچل رهندي هئي. اتي ئي وچ ۾ تشڪيل جن جو گهر هوندو هو. ڀرسان منهنجي ناني جو گهر منهنجي مامي اختر جو گهر. منهنجي سهيلين شازيه ۽ مسرت جو گهر. انهن گهرن جو بس هڪ ئي مکيه دروازو هوندو هو اهو وڏو ڪاٺ جو قديم دروازو جنهن جي ٻاهران سرن واري ڀت کي ٽيڪ ڏئي تشو(تشڪيل) ڇولا کپائيندو هو. ننڍپڻ ۾ ماء جي اوچتي وڇوڙي سبب هن ڏکي زندگي گذاري. ڪڏھن ڪڏھن گهر ۾ امان ان لاء ماني رکندي هئي. منهنجي ڀاء آصف جو دوست هيو امان جي مامي جو پٽ منهنجي لاء هو هڪ سڳي ڀاء وانگر هيو. کلندڙ، خوش طبيعت، مذاق برداشت ڪندڙ ۽ انتهائي درجي جو محنتي. محنت ڪري پڙهيو لکيو. هر وقت ڄڻ ته ڪنهن جستجو ۾ هوندو هيو.
اڳتي وڌڻ جي جستجو. ڳوٺ ڇڏي جڏھن ڪراچي ويا ته اتي پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائڻ لڳو. صبح جو اسڪول ته شام جو ميڊيڪل اسٽور تي هوندو هيو. ابراھيم حيدري ۾ منهنجي ڀاء ڊاڪٽر شاهد جي ڪلينڪ ڀرسان اسٽور کوليائين. ان وقت اسان به ڪورنگي ڪراسنگ وٽ ڀٽائي ڪالوني ۾ رهندا هياسي. هر شام هن جو اچڻ ضرور ٿيندو هو. اڄ به ڄڻ ڏسان ٿي ته تشو اڳيان بيٺو کلي رهيو آهي. وقت تيزيء سان گذرندو رهيو. منهنجي ڌيء سنڌيا ڄائي ته چيائين " فوزل (مون کي فوزيه بدران فوزل سڏيندو هو) مان تنهنجي ڌيء جو نالو محبتي رکيو آهي ڇو ته هوء پيار جي ڏينھن 14 فيبروري تي ڄائي آهي. هن جي ايتري پنهنجائپ هوندي هئي اسان سان. پنهنجي شادي جو سڏ ڏيڻ آيو ڪراچي هيس. چيومانس مان ڪونه ٿي اچان. پنهنجي مخصوص هجت واري انداز ۾ چيائين " ها نه ايندينء ماري وجهانء منهنجي شادي تي نه اچين ته. " رستي ۾ وياسي پئي ته وري فون ڪيائين اچين ٿي نه؟ " شادي هال ۾ پهتا سي ته هن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي.
وقت ڪيڏو بي درديء سان گذري ويو. ڪجهه ڏينهن پهريان ئي ته آيو هو ننڍڙي پٽ دربان حيدر کي وٺي. ڊسمبر ۾ گهمي ڦري آخري پير گهمائي ڳوٺ مان هليو ويو ۽ پوء ڪراچي جي هڪ روڊ تي هن جي زندگيء جي المناڪ پڄاڻي ٿي.. ايڏي بي درديء سان.. ايڏي بي رحميء سان..
0 تبصرے