ڪراچي ۾ ڪئنالن سميت سمورن سنڌ دشمن منصوبن خلاف جسقم جو پيادل مارچ، پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون، ڪئنال جا منظور جي گونج

هزارين سنڌين جي پيادل مارچ ۾ شرڪت، ڇهن ڪئنالن سميت سمورا سنڌ دشمن منصوبا رد

ڪراچي ۾ ڪئنالن سميت سمورن سنڌ دشمن منصوبن خلاف جسقم جو پيادل مارچ، پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون، ڪئنال جا منظور جي گونج

ڪراچي: سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنالن جي تعمير،، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ، جبري گمشدگين ، ڌاري آبادڪاري ، مذھبي انتھاپسندي ۽ تعليمي ادارن ۾ فورسز جي مداخلت خلاف جسقم (آريسر) جي سڏ تي سکر کان 28 جنوري تي نڪتل لانگ مارچ 27 ڏينھن کانپوءِ پير پٿون ڪري ڪراچي پھتو، مارچ ۾ چيئرمين اسلم خير پوري ، جنرل سيڪريٽري عبدالفتاح چنھ ، جسقم (بشير خان ) جو چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جيئي سنڌ قومي پارٽي جو سربراھھ نواز خان زنئور ، جيئي سنڌ محاذ جو جنرل سيڪريٽري سنڌي امداد ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو اڳواڻ جڳديش آھوجا ، جيئي سنڌ قوم پرست پارٽي جو نائب صدر دودو ديشي ، رواداري تحريڪ جوصدر پنھل لاڙڪ ، سنڌ سجاڳي فورم جو اڳواڻ محب آزاد ، قومي دانشور تاج جويو، سيد منير حيدر شاھھ، ڊاڪٽر ڪرم رستماڻي، غازي خان پنھيار ، شاعر مھر ڊٻائي، سينيئر ايڊوڪيٽ سپريم ڪورٽ اشرف سمون، ڪراچي بار ايسوسئيشن جو اڳواڻ رحمٰن ڪورائي ايڊوڪيٽ ، وائيس فار مسنگ پرسنز سنڌ جي ڪنوينر سورٺ لوھار ، سورٺ سنڌو ، الاھي بخش بڪڪ سميت قومپرست سياسي تنظيمن جا اڳواڻ ، انساني حقن جا پرچارڪ ، دانشور ، اديب ، پيرسن ، نوجوان ، عورتون ،ٻارڙا ، شاگرد ، ھاري مزدور ھزارن جي تعداد ۾ ڪراچي پريس پھتا. ان موقعي تي خطاب ڪندي جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري چيو تھ سنڌو درياءَ سنڌو تھذيب جو اڏيندڙ عظيم درياءَ آھي ، پنجاب جا حڪمران اسان جي شھھ رڳ سنڌو درياءَ کي ڪٽڻ ۽ عظيم سنڌو تھذيب کي ميسارڻ جا منصوبا جوڙي رھيا آھن. پنجاب 1859ع کان وٺي سنڌو جو پاڻي چوري ڪري رھيو آھي، وڌيڪ ڪئنال ڪڍي سنڌو تھذيب جو وجود ختم ڪرڻ چاھن ٿا، 1945ع واري پاڻي ٺاھھ تحت پنجاب سنڌ جي مرضي کانسواءِ پاڻي جو ھڪ ڦڙو بھ نھ ٿو کڻي سگھي. پنجاب سنڌو تي 50 ڪئنال ، 9 ڊيم ٺاھي پاڻي تي ڌاڙا ھنيا ، ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي ھڪ ڪروڙ 60 لک آباد زمين گھٽجي 70 لک ايڪڙ بچي آھي. عالمي قانون مطابق درياءَ تي پھريون حق پڇڙي وارن جو آھي ، سنڌ پڇڙي ۾آھي ان ڪري سنڌو جي پاڻي تي پھريون حق سنڌين جو آھي. سنڌو جا وارث سنڌي آھن. پنجاب سنڌو درياءَ مان چولستان سميت 6 نوان ڪئنال ڪڍي رھيو آھي، سنڌو جو پاڻي انھن ڪئنالن ۾ وھائي ان سان پنجاب پنھنجي 66 لک ايڪڙ زمين غير آباد زمين آباد ڪندو ۽ سنڌ جي 66 لک ايڪڙ زمين غير آباد ٿي ويندي. ارسا ڪئنالن جي لاءِ پاڻي فراھمي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو ، اسان تڪراري ايڪٽ کي قبول نھ ٿا ڪريون. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نھ ملڻ جي ڪري سمنڊ روزانو 95 ايڪڙ زمين ڳڙڪائي رھيو آھي، ڪجھھ ئي سالن ۾ انڊس ڊيلٽا ختم ٿي ويندو، حڪومت جي فيصلن سان ۽ منصوبن سان سنڌ جي عوام کي ناقابل تلافي نقصان ٿيندو. ھن چيو تھ گرين پاڪستان انيشئيٽو تحت ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ 92 لک ايڪڙ زمين پرڏيھي ڪمپنين کي ڏني ويندي ، ان ۾سنڌ جي 52 لک ايڪڙ زمين ڪمپني سرڪار کي ڏني پئي وڃي، اھا زمين خيرپور، ٿرپارڪر، دادو، ٺٽو، بدين، ميرپور خاص ۽ ٻين ضلعن ۾ ڏني ويندي، نقشا ٺھي ۽ ماپون ٿي چڪيون آھن ، اتان جي قديمي رھواسين کي نيڪالي جا نوٽيس ڏنا ويا آھن.ڪيترائي قديمي ڳوٺ، ماڳ ، مڪان، عبادتگاھون، قديمي آثار ۽ سياحت جا ماڳ اچي وڃن ٿا. جسقم چيئرمين جو چوڻ ھو تھ سنڌ ۾ رٿابندي سان افغاني باشندن ۽ ٻين ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي، آمر ضياءَ ۽ جنرل ايوب ڌاري آباد ڪاري کي ھٿي ڏني، ھر ڏھين سال واري آدمشماري ۾ رنڊڪون ، ھٿ وٺي سنڌ جي ڊيموگرافي ۽ آباديءَ کي ھي ھيٺ مٿي ڪري ، انگن اکرن ۾ ھير ڦير ڪئي وئي آھي، ڌارين کي 52 ۽ ڌرتي ڌڻي سنڌين کي 48 سيڪڙو ڏيکاري اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آھي. افغان پناھگيرن، بھاري، بنگالي، برمي ، پنجابي، پٺاڻ ۽ ٻين ملوڪن ۽ صوبن جا ماڻھو سنڌ ۾ آباد ڪري کين سڃاڻپ ڪارڊ ٺھرائي ڏنا پيا وڃن. ھن چيو تھ سرڪاري نوڪرين ۽ صنعتن ۽ مارڪيٽن ۾ روزگار تي ڌاريا قابض ٿي ويا آھن، سنڌي نوجوانن لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪيا ويا آھن. گئس، تيل، ڪوئلو ۽ ٻيا معدني وسيلا ، سامونڊي بندر سنڌ جي ملڪيت آھن، پنجاب سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪري رھيو آھي، ان جي نتيجي ۾ شاھوڪار سنڌ جا ماڻھو غربت ، بک ۽ بدحالي جي ور چڙھي ويا آھن. اسلم خيرپوري چيو تھ مذھبي انتھاپسندي جي ذريعي سنڌ جي رواداري ۽ سيڪيولر سوچ کي تباھھ ڪرڻ لاءِ مدرسا ۽ مذھبي جنونيت جا ادارا ٺاھيا پيا وڃن، ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي شھادت جھڙا سرڪار ۽ پوليس جي مدد سان واقعا ڪرائي سنڌ ۾ طالبانائيزيشن ۽ مذھبي انتھاپسندي کي وڌايو پيو وڃي. اسلم خيرپوري پنھنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو تھ سنڌ جي آجپي ۽ حقن جي ڳالھھ ڪرڻ تي مقصود قريشي ، سلمان وڌو ، سرائي قربان ، مظفر ڀٽو ۽ ٻين شھيدن جا چچريل لاش ڏنا ويا، سوين قومي ڪارڪنن ، ايوب ڪانڌڙو، سھيل رضا ڀٽي، انصاف دايو، مرتضيٰ جوڻيجو، سرويچ نوھاڻي، پٺاڻ خان زھراڻي، بلاول چانڊيو، اعجاز ڳاھو، ڊاڪتر فتح محمد کوسو، ڪاشف ٽڳڙ ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌي ڪيترن ئي سالن کان عقوبت خانن ۾ باندي بڻيل آھن. سندن وارث عدالتن جا در کڙڪائي بيٺا پر کين آزاد نھ ٿو ڪيو وڃي. حڪمرانن سنڌ جي قومي تحريڪ کي چٿڻ لاءِ ھر قسم جا حربا ھلايا آھن. پر جي ايم سيد جو فڪر پاڙون پختيون ڪري چڪو آھي.ھن چيو تھ سنڌ جي تعليم تباھھ ڪرڻ لاءِ غير سيڪيولر نصاب جي ڪري يونيورسٽين ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اداري جا اھلڪار مقرر ڪري سنڌي نوجوانن کي تعليم کان محروم ڪيو پيو وڃي. اسلم خيرپوري چيو تھ اھو ظلم تھ انگريزن، ارغونن ، تاتارين ، عربن ۽ ٻين حملي آوور بھ نھ ڪيو جيڪو سنڌ سان ظلم موجودھ حڪمرانن ڪيو آھي. جسقم چيئرمين چيو تھ سنڌ جي خودمختياري تي حملو ڪيو پيو وڃي، ڪراچي کي ڌار ڪرڻ جي سازش ٿي رھي آھي، وفاقي جماعتن مان ڪائي بھتري جي اميد ناھي، اھڙي صورتحال ۾سنڌين وٽ سيد جي فڪر کانسواءِ ٻي ڪا واٽ نھ آھي.قومي حقن ۽ آجپي لاءِ مزاحمت نھ ڪئي تھ فلسطينين جھڙو حشر ٿيندو. ڪراچي: جسقم آريسر جو لانگ مارچ شاھراھھ فيصل ريڊ زون ۾ پھچڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اھلڪار روڊ تي رڪاوٽون بيھاري ڇڏيون، رستو بند ڪرڻ تي چڪريون ٿيون، اھلڪارن ۽ ڪارڪنن ھڪٻئي تي لٺين ، لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، جنھن جي ڪري ريڊ زون جو علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو. پوليس آفيسر سميت ڪيترائي زخمي ٿي پيا.