دولتپورصفن: ڳوٺ قاسم اوٺو ۾ مڙس ۽ ڏير هٿان مبينا قتل ٿيل ناري جو ڪيس داخل

ممتاز اوٺو ڌيءَ کي طعنا ڏيندو هو ته پٽ سندس مهانڊي ناهي، کيس گهران به ڪڍي ڇڏيو هو، بعد ۾ کيس واپس وٺي ويو

دولتپورصفن: ڳوٺ قاسم اوٺو ۾ مڙس ۽ ڏير هٿان مبينا قتل ٿيل ناري جو ڪيس داخل

دولتپورصفن (رپورٽر) ٿاڻي جي حد ۾ مبينا طور تي مڙس ۽ ڏير  هٿان زوري زهر پياري قتل جو الزام مقتولا جي امڙ جي فرياد تي قتل جو ڪيس داخل، خبر موجب دولتپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ قاسم اوٺو ۾ مبينا طور تي زهر پياري قتل ڪيل شادي شده ناري مسمات مريم جي امڙ افروز گهانگهرو پاران دولتپور ٿاڻي تي ايف آئي آر نمبر 26/2025 داخل ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ فريادڻ ڄاڻايو آهي ته ڪجه سال اڳ منهنجي ڌيء مسمات مريم جي شادي ممتاز اوٺو سان ٿي هئي جنهن مان کي پٽ جو اولاد هو جيڪو ممتاز اوٺو چيو ته اهو منهنجي مهانڊي نه آهي جنهن تان منجي ڌيء کي گهران ڪڍي ڇڏيو هو وري ڪجه ڏينهن پهريائين ان کي واپس وٺي آيو اڄ اسان کي اطلاع مليو ته تنهنجي ڌي کي ماريو ويندو جو مان اتي پهتيس ته منھنجي ڌئ جو مڙس ممتاز اوٺو سندس ڀاء ساجد علي اوٺو زهر پياري رهيا هئا جو آئون ڌئ کي کڻائي اسپتال وڃي رهي هيس ته رستي ۾ ڌي فوت ٿي وئي