ملير:اسٽيل مل مان 1350 پورهيتن جي نيڪالي خلاف اسٽيل ٽائون ۾ پورهيت روڊن تي نڪري آيا، ريلي

ملازمن جي برطرفي اسٽيل مل مان اربين رپين جو لوھ چوري ڪرڻ، 19 هزار ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ کربين رپين جي اثاثن جي نيلامي جي سازش جو حصو آهي: اڳواڻ

ملير:اسٽيل مل مان 1350 پورهيتن جي نيڪالي خلاف اسٽيل ٽائون ۾ پورهيت روڊن تي نڪري آيا، ريلي

ملير (عبدالرشيد مورجھريو)اسٽيل مل مان 1350 پورهيتن جي نيڪالي خلاف اسٽيل ٽائون ۾ پورهيت روڊن تي نڪري آيا، احتجاج ريلي، اسٽيل مل انتظاميا خلاف سخت نعريبازي پورهيت دشمن فيصلي خلاف تاريخي جدوجهد ڪئي ويندي اڳواڻ، تفصيل موجب اسٽيل مل مان 1350 پورهيتن جي نيڪالي واري پورهيت دشمن فيصلي خلاف اسٽيل ٽائون ۾ اڪبر ناريجو، امجد زرداري، عاصم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين پورهيت احتجاج ڪندا رستن تي نڪري آيا، اسٽيل مل جي انتظاميا خلاف شديد نعريبازي ڪئي، پورهيتن جو چوڻ هو ته اسٽيل مل مان اربين رپين جو لوھ چوري ڪرڻ، 19 هزار ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ کربين رپين جي اثاثن جي نيلامي جي سازش لاءِ هڪ ڌڪ ۾ 1350 پورهيتن کي نيڪالي ڏني وئي آهي پورهيتن جي معاشي قتل تي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا آهن، اسٽيل مل لوھ جي پيداوار ۾ ملڪ جي معيشت ۾ ريڙهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي کربين رپين جو اثاثو برباد ڪيو ويو آهي ملڪي خزاني ۾ ايترو پئسو ڪٿان ايندو جو وري اهڙي اسٽيل مل لڳي سگهي، هنن چيو ته اسٽيل مل انتظاميا جو پورهيت دشمن فيصلو ڪنهن به صورت قبول ناهي جڏهن ته هنن اعلان ڪيو ته معاشي قتل خلاف تاريخي جدوجهد شروع ڪري رهيا آهيون.