English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جسقم پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف سکر کان نڪتل پيادل مارچ جي گهگهر ۽ گلشن حديد ۾ شاندار آجيان
146 views
|
20th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
قافلي ۾ شامل اڪثر اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جا پير پٿون، پر سندن حوصلا ڏسڻ وٺان
ملير(عبدالرشيد مورجھريو)جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان سنڌو درياء مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ، سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏيڻ ۽ سنڌ جي وسلين جي ڦرلٽ خلاف سکر کان شروع ٿيل پيادل لانگ مارچ جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري اشرف ڀھليم، اسد سنڌ يار، فتح چنا، ڪرن نظاماڻي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 24 ھين ڏينهن گھگھر رستي ڪراچي جي حدن ۾ داخل ٿيو ته مختلف سياسي ڌرين جسقم ڪارڪنن ۽ علائقي جي رھواسين وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي قافلي جي شاندار آجيان ڪئي، ان موقعي تي پانڌيئڙن تي گلن جي ورکا ڪري اڳواڻن کي ھار ۽ عورتن کي اجرڪون پارايون، آجيان ڪندڙن ۾ بشيران زھراڻي، رشيد کوسو، وقار ڪوري، سانول زهراڻي، مڪيش ڪمار، عرفان زھراڻي، سميت جي يو آء جا ڪارڪن پڻ شامل ھئا، قافلي ۾ شامل پانڌيئڙن ۾ شامل اڪثر ڪارڪنن جا پير پٿون ٿيل ھئا، گھگھر ۾ آجيان کان پوء قافلو شام ڌاري گلشن حديد پھتو جتي وک وک تي قافلي جي آجيان ڪئي وئي، ان موقعي تي جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته، سنڌ بچائڻ نڪتا آھيون سڄي سنڌ کي اسان جو آواز ورنائڻ گھرجي، ڪئنال ٺھي ويا ته انساني آبادي ھڪ طرف پر سموري جيوت، زراعت، درياءَ، وڻ ٽڻ، تباھ ٿي ويندا، ھن چيو ته پنجاب هوڏ ڪري سنڌو درياءَ جو پاڻي چورائڻ لاءِ ڪئنال ٺاھي رھيو آھي، سنڌو اسان جو جياپو آھي، سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب لکين ايڪڙ زمين تباھ ٿي ويندي، ھن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ جون زمينون ڦٻائڻ جو جو منصوبو آھي اسان سنڌو جا وارث آھيون، پنھنجا وسيلا بچائڻ لاءَ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهنداسين، ھن سنڌي ماڻھن کي سڏ ڏيندي چيو ته پٽڪي کي ور ڏيئي ميدان تي نڪري پئو، اسان کي سنڌين جي مرضي کانسواءِ ڪوبه فيصلو منظور ناھي، ھن ڪراچي ۾ رھندڙ سنڌين کي اپيل ڪئي ته 23 فيبروري تي سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جا وسيلا بچائڻ لاء ڪراچي پريس ڪلب پھچي اتحاد ۽ ٻڌي جو ثبوت ڏيو پيادل قافلو رات گلشن حديد ۾ رھي اڄ صبح جو اڳين منزل ڏانھن روانو ٿيندو،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Mar 2026
•
سندھ
مٹھیانی کے قریب پرانے تنازع پر فائرنگ، عدالت جانے والے 2 افراد قتل
13th Mar 2026
•
پاکستان
کوہستان مالیاتی اسکینڈل: گرفتار ملزم کے گھر کو منجمد کرنے کا حکم معطل
13th Mar 2026
•
دنیا
روس اور ایران عالمی معیشت کو “ہائی جیک” کرنا چاہتے ہیں: برطانوی وزیر خارجہ
13th Mar 2026
•
دنیا
امریکہ کی جانب سے عراق میں گر کر تباہ ہونے والے طیارے میں 4 فوجیوں کی ہلاکت کی تصدیق
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو ناليواري شاعر حليم باغي سان فون تي رابطو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سستو ورتل پئٽرول مھانگو ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ اربين روپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي وئي: اياز لطيف پليجو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مان 6 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ احتجاج جاري
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ بخاري محلي واسين جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جيئي سنڌ قومي محاذ
جسقم
0 تبصرے