English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ شھيد اعجاز احمد ڪاڪيپوٽو جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو
views
|
20th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور بچايو تحريڪ پاران شھيد اعجاز احمد ڪاڪيپوٽو جي ياد ۾ پريس ڪلب شڪارپور ۾ تعزيتي ميڙاڪو منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ سياسي، سماجي، مذھبي اڳواڻن، وڪيلن، صحافين، قومپرستن، سول سوسائٽي جي اڳواڻن، شھيد جي وارثن، ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي, ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيئرمين شڪارپور بچايو تحريڪ مولانا مسعود احمد قادري، اڳوڻو چيئرمين قاري مجيب الرحمان مدني، اڳوڻو چيئرمين الاھي بخش شيخ، اڳوڻو چيئرمين استاد عبدالوھاب ڪاغذي، مولانا مشتاق احمد سھندڙو، ڪامريڊ احسان جيھو ۽ ٻين چيو ته شھيد اعجاز ڪاڪيپوٽو 14 سالن کان شھر جي جدوجھد جو حصو ھو، ھن جو ناحق قتل ناقابل برداشت آھي. ھنن ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ تي زور ڀريو ته قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.شھيد جي نياڻي نور جھان ڪاڪيپوٽو چيو ته 9 ڏينھن گذرڻ باوجود قاتل آزاد آھن، پوليس صرف دلاسا ڏئي رھي آھي، پر اسانکي يقين آھي ته انصاف ضرور ملندو. جماعت اسلامي: عبدالسميع ڀٽي، ايڊوڪيٽ علي اصغر پھوڙ, جيئي سنڌ محاذ: اسدالله سومرو، عمران علي منگي ،پيرا ميڊيڪل اڳواڻ: بشير احمد لاشاري، شمس الحق ابڙو، سوشل اينڊ لٽري: سيد نسيم شاھ بخاري، پرويز احمد جيھو ابڙو پريس ڪلب: نائب صدر رشيد احمد ڄامڙو پاران ميڙاڪي کي خطاب ڪيو ويو ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي خطاب ڪندي چيو ته قاتلن جي گرفتاري ويجھي آھي، جلد انصاف فراهم ڪيو ويندو.ميڙاڪي ۾ صاحبزاده حافظ فضل الله نوراني، افضل حسين مغل، ڏاڏو طاھر سومرو، عبدالغفور دايو، راشد علي لاشاري، حاجي عبدالفتاح مھر ، غلام علي گل ميمڻ ، رفيق احمد دايو افتخار احمد آرائين، شھيد جا فرزند اياز ۽ امتياز ڪاڪيپوٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. آخر ۾ شھيد جي مغفرت لاءِ دعا گھري وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2025
•
پاکستان
جنوبی ایشیا میں امن کو فروغ دینے کے لئے ڈاکٹر غلام مجتبیٰ کا اہم کردار
12th May 2025
•
شوبز
حرا مانی کا کنگنا رناوت کو جواب: 'کنگنا رونا نہیں'
12th May 2025
•
شوبز
مشی خان کا کنگنا رناوت کو کرارا جواب: 'تمھارے لیے میرا ایک ہی مکا کافی ہے'
12th May 2025
•
تازہ ترین
بھارتی فوج ہمیں دھمکیاں نہیں دے سکتی، ہم ملکی سالمیت کا دفاع بخوبی جانتے ہیں. آرمی چیف
13th May 2025
•
پاکستان
جنوبی ایشیا میں امن کو فروغ دینے کے لئے ڈاکٹر غلام مجتبیٰ کا اہم کردار
12th May 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: رزاق آباد ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، 2 مرڻينگ
12th May 2025
•
شوبز
حرا مانی کا کنگنا رناوت کو جواب: 'کنگنا رونا نہیں'
12th May 2025
•
شوبز
مشی خان کا کنگنا رناوت کو کرارا جواب: 'تمھارے لیے میرا ایک ہی مکا کافی ہے'
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
اعجاز احمد ڪاڪيپوٽو
0 تبصرے