English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
رمضان دوران منافع خوري ۽ ذخيره اندوزي جي اجازت ھر گز نه ڏني ويندي: غلام دستگير شيخ
101 views
|
20th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
مقرر ڪيل اگهن کان وڌيڪ اگهه وصول ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي: اي ڊي سي ون ٺٽو
ٺٽو(شفيق ڀٽي)رمضان جي مهيني دوران ناجائز منافع خوري ۽ ذخيره اندوزي جي اجازت ھر گز نہ ڏني ويندي. غلام دستگير شيخ، مقرر ڪيل اگهن کان وڌيڪ اگهه وصول ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ٺٽو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ ضلعي جي سمورن واپارين، دڪاندارن ۽ ھول سيلرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي رمضان المبارڪ جي مهيني جو مڪمل احترام ڪندي روز مرہ جي استعمال وارين ضروين شين جو وڪرو ضلعي انتظاميا پاران مقرر ڪيل اگهن ڪن ته جيئن عام ماڻهو خاص طور تي غريب ماڻهن کي ھن برڪتن واري مهيني ۾ مهنگائي جي عذاب کان بچائي سگهجي. هن عالمن ۽ مذھبي اڳواڻن تي زور ڏنو ته اهي رمضان جي مقدس مهيني دوران پاڻ ۾ مذهبي هم آهنگي، اتحاد ۽ امن و امان کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن رمضان جي احترام ۽ ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان دربار هال مڪلي ۾ منعقد ڪيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلعي انتظاميا رمضان المبارڪ دوران غير قانوني منافعي خوري ۽ ذخيره اندوزي جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏيندي ۽ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪئي ته اهي مارڪيٽ ڪميٽي، بيورو آف سپلاءِ اينڊ پرائسز ۽ مارڪيٽ ڪميٽي جي عملدارن سان گڏجي روزانو جي بنياد تي مارڪيٽن ۽ بازارن ۾ اوچتو ڇاپا هڻي ضروري شين جي وڪري تي نظر رکن ۽ وڌيڪ قيمتون وصول ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪن ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ رليف ملي سگهي. هن کين وڌيڪ هدايت ڪئي ته ھو تعلقي سطح تي بچت مارڪيٽون قائم ڪن ته جيئن ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف ملي سگهي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مارڪيٽ ڪميٽي، بيورو آف سپلاءِ ۽ پرائس عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي دڪاندارن کي روزانو جي بنياد تي ضروري شين جي قيمتن جون فهرستون فراهم ڪن ۽ کين نمايان هنڌن تي لازمي لڳائڻ لاءِ پڻ پابند بڻائين ته جيئن عوام کي مقرر ڪيل قيمتن جي ڄاڻ ملي سگهي. هن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي ته احترام رمضان آرڊيننس تي هر صورت ۾ عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ۽ رمضان ۾ کليل هوٽلن، ذخيره اندوزن ۽ ملاوٽ ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ دوران مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ سيڪيورٽي، صفائي سٿرائي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي سمورن شرڪت ڪندڙن جي متفقہ راءِ سان ضروري شين جون نيون قيمتون پڻ مقرر ڪيون ويون. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر حيسڪو ۽ ڪي-اليڪٽرڪ عملدارن کي هدايت ڪئي ته رمضان جي مهيني ۾ سحر ۽ افطار جي وقت بجلي جي لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو فراز احمد عباسي، ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، ٽائون آفيسرن، روينيو، پوليس، بيورو آف سپلاءِ اينڊ پرائسز، مارڪيٽ ڪميٽي، يوٽيلٽي اسٽورز، فوڊ ڊپارٽمينٽ، پبلڪ هيلٿ، صحت، لائيو اسٽاڪ، پولٽري، فشريز، اينيمل هسبنڊري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن سان گڏ ڪريانہ مرچنٽس ايسوسيئيشن ۽ ھول سيل ڊيلرن، واپاري اڳواڻن ۽ مختلف مڪتبہ فڪر جي عالمن شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Mar 2026
•
سندھ
مٹھیانی کے قریب پرانے تنازع پر فائرنگ، عدالت جانے والے 2 افراد قتل
13th Mar 2026
•
پاکستان
کوہستان مالیاتی اسکینڈل: گرفتار ملزم کے گھر کو منجمد کرنے کا حکم معطل
13th Mar 2026
•
دنیا
روس اور ایران عالمی معیشت کو “ہائی جیک” کرنا چاہتے ہیں: برطانوی وزیر خارجہ
13th Mar 2026
•
دنیا
امریکہ کی جانب سے عراق میں گر کر تباہ ہونے والے طیارے میں 4 فوجیوں کی ہلاکت کی تصدیق
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو ناليواري شاعر حليم باغي سان فون تي رابطو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سستو ورتل پئٽرول مھانگو ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ اربين روپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي وئي: اياز لطيف پليجو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مان 6 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ احتجاج جاري
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ بخاري محلي واسين جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
غلام دستگير شيخ
ٺٽو
رمضان
0 تبصرے