رمضان دوران منافع خوري ۽ ذخيره اندوزي جي اجازت ھر گز نه ڏني ويندي: غلام دستگير شيخ

مقرر ڪيل اگهن کان وڌيڪ اگهه وصول ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي: اي ڊي سي ون ٺٽو

رمضان دوران منافع خوري ۽ ذخيره اندوزي جي اجازت ھر گز نه ڏني ويندي: غلام دستگير شيخ

ٺٽو(شفيق ڀٽي)رمضان جي مهيني دوران ناجائز منافع خوري ۽ ذخيره اندوزي جي اجازت ھر گز نہ ڏني ويندي. غلام دستگير شيخ، مقرر ڪيل اگهن کان وڌيڪ اگهه وصول ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ٺٽو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ ضلعي جي سمورن واپارين، دڪاندارن ۽ ھول سيلرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي رمضان المبارڪ جي مهيني جو مڪمل احترام ڪندي روز مرہ جي استعمال وارين ضروين شين جو وڪرو ضلعي انتظاميا پاران مقرر ڪيل اگهن ڪن ته جيئن عام ماڻهو خاص طور تي غريب ماڻهن کي ھن برڪتن واري مهيني ۾ مهنگائي جي عذاب کان بچائي سگهجي. هن عالمن ۽ مذھبي اڳواڻن تي زور ڏنو ته اهي رمضان جي مقدس مهيني دوران پاڻ ۾ مذهبي هم آهنگي، اتحاد ۽ امن و امان کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن رمضان جي احترام ۽ ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان دربار هال مڪلي ۾ منعقد ڪيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلعي انتظاميا رمضان المبارڪ دوران غير قانوني منافعي خوري ۽ ذخيره اندوزي جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏيندي ۽ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪئي ته اهي مارڪيٽ ڪميٽي، بيورو آف سپلاءِ اينڊ پرائسز ۽ مارڪيٽ ڪميٽي جي عملدارن سان گڏجي روزانو جي بنياد تي مارڪيٽن ۽ بازارن ۾ اوچتو ڇاپا هڻي ضروري شين جي وڪري تي نظر رکن ۽ وڌيڪ قيمتون وصول ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪن ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ رليف ملي سگهي. هن کين وڌيڪ هدايت ڪئي ته ھو تعلقي سطح تي بچت مارڪيٽون قائم ڪن ته جيئن ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف ملي سگهي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مارڪيٽ ڪميٽي، بيورو آف سپلاءِ ۽ پرائس عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي دڪاندارن کي روزانو جي بنياد تي ضروري شين جي قيمتن جون فهرستون فراهم ڪن ۽ کين نمايان هنڌن تي لازمي لڳائڻ لاءِ پڻ پابند بڻائين ته جيئن عوام کي مقرر ڪيل قيمتن جي ڄاڻ ملي سگهي. هن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي ته احترام رمضان آرڊيننس تي هر صورت ۾ عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ۽ رمضان ۾ کليل هوٽلن، ذخيره اندوزن ۽ ملاوٽ ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ دوران مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ سيڪيورٽي، صفائي سٿرائي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي سمورن شرڪت ڪندڙن جي متفقہ راءِ سان ضروري شين جون نيون قيمتون پڻ مقرر ڪيون ويون. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر حيسڪو ۽ ڪي-اليڪٽرڪ عملدارن کي هدايت ڪئي ته رمضان جي مهيني ۾ سحر ۽ افطار جي وقت بجلي جي لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو فراز احمد عباسي، ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، ٽائون آفيسرن، روينيو، پوليس، بيورو آف سپلاءِ اينڊ پرائسز، مارڪيٽ ڪميٽي، يوٽيلٽي اسٽورز، فوڊ ڊپارٽمينٽ، پبلڪ هيلٿ، صحت، لائيو اسٽاڪ، پولٽري، فشريز، اينيمل هسبنڊري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن سان گڏ ڪريانہ مرچنٽس ايسوسيئيشن ۽ ھول سيل ڊيلرن، واپاري اڳواڻن ۽ مختلف مڪتبہ فڪر جي عالمن شرڪت ڪئي.