English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پيپلز پارٽي آزاد صحافت جي حامي رھي آھي: علي ڏنو گاڏهي
71 views
|
19th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ اڳواڻ ڏوڪري پريس ڪلب جي ترقياتي ڪمن لاءِ 50 ھزار روپين جو چيڪ ڏنو
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) نوجوان وڪيل، سماجي اڳواڻ ۽ پ پ تعلقي ڏوڪري جي جنرل سردار علي ڏنو گاڏھي چيو آهي ته صحافت رياست جو چوٿون ٿنڀو آھي، ميڊيا جي ڪردار سبب ئي عوام جو آواز اقتدار جي اعلي ايوانن تائين پھچندو آھي، صحافين عوام جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو آھي. ڏوڪري پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي لاڙڪاڻو ضلعي ڪائونسل ميمبر سردار علي ڏنو گاڏھي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي آزاد صحافت جي حامي رھي آھي، شھيد ڀٽو کان شھيد بينظير ڀٽو تائين ۽ صدر آصف علي زرداي کان بلاول ڀٽو زرداري تائين پ پ قيادت ھميشه صحافين سان ھر موڙ تي گڏ رھي آھي. ھن چيو ته سنڌي ميڊيا سدائين سنڌ جي اھم اشوز کي ھاءِ لائيٽ ڪيو آھي، جنھن تي کين سلام پيش ڪريان ٿو. پ پ ضلعي ڪائونسل ميمبر سردار علي ڏنو گاڏھي طرفان ڏوڪري پريس ڪلب جي ترقياتي ڪمن لاءِ 50 ھزار روپين جو چيڪ صدر فدا حسين ابڙو، جنرل سيڪريٽري اطھر سنديلو ۽ سرپرست اعلي زبير زرار منگي حوالي ڪيو. ان موقعي تي پ پ ضلعي ڪائونسل ميمبر شمن خان جوڻيجو، پ پ اڳواڻ علي بخش ميتلو، حبيب الله عالماڻي، نثار احمد جتوئي، شھمير ميراڻي، اياز ابڙو، غلام قادر گاڏھي ۽ ٻيا موجود ھئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Apr 2026
•
دنیا
امریکہ کے ساتھ جنگ بندی کے باوجود جنگ ختم نہیں ہوئی، دشمن کے اہداف کی فہرستیں اپڈیٹ کر رہے ہیں: ایرانی فوج
29th Apr 2026
•
دنیا
آیت اللہ خامنہ ای نے شہادت کو رحمت سمجھتے ہوئے خوشی سے قبول کیا
29th Apr 2026
•
سندھ
لاہور سے موازنہ درست نہیں، کراچی کو اپنے پاؤں پر کھڑا ہونے کے لیے بڑے وسائل درکار ہیں: مرتضیٰ وہاب
29th Apr 2026
•
تازہ ترین
انٹرپول نے ملک ریاض اور ان کے بیٹے کے ریڈ وارنٹ جاری کر دیے، دونوں جلد گرفتار ہوں گے: نیب
29th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
قلم ڌڻين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران عبدالغفور سروهي کي پوليس پاران مبينا يرغمال بڻائڻ جي مذمت
29th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد جي وڪيلن پاران صحافي عبدالغفور سروهي کي يرغمال بڻائڻ جي مذمت
29th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ اجلاس
29th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ايس ٽي پي پاران سماجي براين جي خاتمي لاءِ ۽ مهانگائي خلاف ريلي ڪڍي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
علي ڏنو گاڏهي
پيپلز پارٽي
0 تبصرے