نوشهروفيروز ۾ وڌندڙ گندگي ۽ ڊي سي جي پي اي خلاف احتجاجي مظاهرو
گندگي بابت خبرون هلائڻ تان ڊي سي شاهزيب شيخ جو پي اي ياسين ڀٽي صحافين کي ڌمڪائي رهيو آهي: اڳواڻ
نوشھروفيروز: (ڊ ر) نوشھروفيروز شھر اندر وڌندڙ گٽرن جي گندي پاڻي ۽ گندگي خلاف خبرون هلائڻ تان ڊپٽي ڪمشنر شاهزيب شيخ جو پي اي ياسين ڀٽي ڀٽي صحافين مٿان ڏمرجي موتمار ڌمڪيون لڳڻ لڳو. صحافين کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ خلاف قلم ڌڻين۔ سياسي سماجي ڌرين ۽ شھرين پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ ان موقعي تي قلم ڌڻين پريس ڪلب جي صدر ممتاز علي سولنگي۔ يونس راڄپر۔ ساگر يوسف منگي۔ علي نواز سولنگي۔ خادم حسين مري۔ خادم سيال۔ سماجي اڳواڻ ماهنور شيخ۔ مهر وسطڙو۔ خالد چانڊيو۔ عطا حسين سمون ۽ ٻين جو چوڻ هو ته نوشھروفيروز شھر جا روڊ رستا ۽ گليون گٽرن جي پاڻي سان ڀريل آھن هر طرف گندگي جا ڍير لڳل آھن اهڙو آئينو ڏيکارڻ تي ڊپٽي ڪمشنر جو پرسنل اسسٽنٽ ياسين ڀٽي صحافي علي نواز سولنگي کي موتمار ڌمڪيون ڌيڻ سان گڏ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا۔ صحافين جو چوڻ هو ته ڊپٽي ڪمشنر شاهزيب جي اچڻ سان سڄو شھر کنڊرات ۾ تبديل ٿي چڪو آھي انتظاميا ڪاٿي به نظر نه پئي اچي۔ سنڌ حڪومت طرفان ڪروڙين رپين جي ماهوار ملندڙ بجيٽ پيٽرول سميت ٻيا ڪوڙا ووچر ٺاهي هضم ڪيا پيا وڃن۔ جڏهن ته حڪومت طرفان بيواه عورتن کي ملندڙ بينوئلٽ فنڊ۔ ملازمن جي وردين جا پئسا ۽ ٻي مد ۾ ملندڙ بجيٽ پڻ هضم ڪئي وئي آھي۔ ڊپٽي ڪمشنر روينيو آفيسن جي ڪميشن وڌائي ڇڏي آھي ۽ آفيس ڪرپشن جي ڳڙھ بڻجي چڪي آھي جنهن سبب شھري سخت پريشان آھن۔ قلم ڌڻين سنڌ حڪومت سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ضلعي جي بجيٽ ڳڙڪائيندڙ ڪرپٽ ڊپٽي ڪمشنر شاهزيب شيخ ۽ سندس پي اي ياسين ڀٽي کي هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن ته جيئن شهرين کي لاڀ حاصل ٿي سگهي ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو۔