سجاول جي ملازمن جي گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي، سيڪريٽري توڙي صوبائي وزير سان ڳالهائيندس: سيد اياز علي شاھ شيرازي
سجاول (رپورٽر) پبلڪ ھيلٿ کاتي جي ملازمن جون رھيل پگھارون نه ملڻ تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي ميڊيا تي خبرون نشر ٿيئڻ بعد ملازمن سان گڏ ٽريزري آفيس سجاول پھچي اڪائونٽ عبدالله جاکرو سان ملاقات ڪري ملازمن جي رھيل پگھارون بابت معلومات ورتي جتي ٽريزري آفيس سجاول جي اڪائونٽ عبدالله جاکرو کيس بريفنگ ڏيندَي چيو ته اھيو مامرو فناس ڊپارٽمينٽ طرفان آھي جيڪڏهن اتان ڪلريرينس رپورٽ ملي ته فوري پگھارون جاري ڪيون وينديون جڏھن تہ ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي چيو ته ٻين ضلعن ۾ جيڪڏهن پگھارون جاري ڪيون ويون فقط سجاول جا ملازم رھجي ويا آھن جن جي گھرن ۾ فاقا ڪشي آھي ملازمن جو احساس آھي ھاڻي ئي فناس سيڪريٽريءَ توڙي صوبائي وزير سان رابطو ڪري ملازمن کي پگھارون ڏياريون وينديون انشاء الله ھڪ ٻه ڏينهن ۾ ملازمن کي پگھارون جاري ٿي وينديون .اھڙي يقين ڌياني تي ملازمن ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي جو شڪريو ادا ڪيو.ان موقعي تي مير ھزار خان زئور.سيد مھتاب شاھ. صحافي سليم کوسو شھري توڙي ملازم پڻ موجود هئا
0 تبصرے