ڪامريڊ راجا سوڻيکي، شفقت علي راڄڙ، عزيز ﷲ نھڙيو، اسد علي ڀٽي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو
عمرڪوٽ(ڊ ر) سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۾ استادن پاران گذريل ٽن هفتن کان تدريسي عمل جي بائيڪاٽ خلاف عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪيمپس عمرڪوٽ جي شاگردن پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي تي ڪامريڊ راجا سوڻيکي، شفقت علي راڄڙ، عزيز ﷲ نھڙيو، اسد علي ڀٽي ۽ سياسي اڳواڻ گل بجير، رسول بخش راھمون ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ مھينو اڳ سنڌ حڪومت پاران يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرن جي عھدن تي رٽائرڊ آفيسر ۽ بيوروڪريٽس کي مقرر ڪرڻ واري فيصلي خلاف استادن جي تنظيم سوٽا تدريسي عمل جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ان کان پوءِ مسلسل ٽن هفتن کان تدريسي عمل بند هئڻ سبب سنڌ جون يونيورسٽيون بند پيل آھن ان سبب شاگردن جو وڏو نقصان ٿي رھيو آھي استاد ڀلي پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائن پر تدريسي عمل بند نه ڪيو وڃي انھي سان شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رھي آھي اسان مطالبو ٿا ڪريون تہ فوري طور يونيورسٽين ۾ تدريسي عمل بحال ڪري شاگردن سان انصاف ڪيو وڃي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي تہ جلد اھڙو فيصلو واپس وٺي استادن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي
0 تبصرے