علائقي واسين پاران ميونسپل چيئرمين جو شاندار استقبال، پيئڻ جي پاڻي، سيوريج ۽ ٻين اسڪيمن جو افتتاح ڪيو ويو
ملير (درياخان شر) ابراهيم حيدري ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين نظير احمد ڀٽو۔ ٽائون ميونسپل ڪمشنر مسرور نواز خشڪ ۽ ٻين آفيسرن سان گڏ يوسي شيرپاء ۾ پيئڻ جي پاڻي ۔ سيوريج ۽ ٻين اسڪيمن جو افتتاح ڪيو ۔ ان موقعي تي رهواسين پاران ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو جو شاندار استقبال ڪندي مٿس گلن جي ورکاء ڪئي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي۔ سيوريج سميت ٻيون بنيادي سهولتون ڏيڻ تي سندن شڪريو ادا ڪيو ۔ ان موقعي تي ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عوام کي ببيادي سهولتون مهيا ڪرڻ اسانجو فرض آهي۔ پاڪستان پپلز پارٽي عوام جي خدمت ۾ يقين رکي ٿي۔ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي منشور تي عمل ڪندي عوام کي بنا ڪنهن رنگ نسل ۔ ذات پات ۽ قوميت جي بنيادي سهولتون ڏيئي رهيا آهيون۔ ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو چيو ته يوسي شيرپاء جي عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪري اسان پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي منشور تي عمل ڪندي عوام کي بنا ڪنهن فرق جي بنيادي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون.. ان موقعي تي علائقا معززين ۔ پارثي اڳواڻ ۔ ٽائون ميمبر ۽ ثائون آفيسر پڻ موجود هئا
0 تبصرے