ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عوامي تحريڪ جي سربراہ رسول بخش پليجو جي 95ھين سالگره تقريب گھگھر يونٽ طرفان ملھائي وئي جنهن ۾ عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي صدر پرھ سومرو، عوامي تحريڪ يونٽ گھگھر جي صدر لطف ميراڻي، سنڌياڻي تحريڪ گھگھر ڦاٽڪ جي صدر زاھدا نواز گھنڃو،ايس جي ايس ٽي ڪراچي جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ساک سنڌو سومرو، ايس بي ٽي يونٽ گھگھر جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته:رسول بخش پليجو نئين روايتن جو امين ھو ھن سدائين مظلوم طبقي جي حمايت ڪئي ۽ انھن جو آواز بڻيو، ھو سنڌو درياھ جو وڪيل ھو ۽ سڄي عمر پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ وڙهندو رھيو، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته:رسول بخش پليجي جي ڇڏيل واٽ ۽ نظرئي تي ھلندڙ ئي حقيقت ۾ فڪرِ پليجو جو پوئلڳ آھي.
0 تبصرے