سڀني کاتن جا عملدار ھڪ ٽيم طور ڪم ڪن جئين عوامي مسئلا حل ٿي سگهن: نديم احمد ابڙو

ضلعي ۾ تعليم، صحت سميت ضروري عوامي اسڪيمن کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي: ڪمشنر شھيد بينظيرآباد

سڀني کاتن جا عملدار ھڪ ٽيم طور ڪم ڪن جئين عوامي مسئلا حل ٿي سگهن: نديم احمد ابڙو

نوشهروفيروز (ڊر) ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊويزن نديم احمد ابڙو چيو آھي تہ سڀني کاتن جا عملدار ھڪ ٽيم طور ڪم ڪن جئين عوامي مسئلا حل ٿي سگهن ۽ عام ماڻهن کي رليف ملي سگهي اھڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ڊپٽي ڪمشنر نوشهرو فيروز جي آفيس جي ڪميٽي روم ۾ ضلعي سڀني سرڪاري کاتن جي عملدارن جي تعارفي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. ڪمشنر شھيد بينظيرآباد آباد وڌيڪ چيو ته ضلعي ۾ تعليم، صحت سميت ضروري عوامي اسڪيمن کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن قومي ناڻي جو صحيح استعمال ۽ عوام کي لاڀ حاصل ٿي سگھي. ڪمشنر ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم ۽ سڀني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته سرڪار ملڪيتن تي غيرقانوني قبضن ۽ حد دخلين جي خاتمي لاء بغير ڪنهن متڀيد جي آپريش کي تيز ڪيو وڃي جڏهن ته مڙني کاتن جا عملدار پنهنجي کاتن جي ملڪيتن جي حفاظت لاء قدم کڻن. ڪمشنر ضلعي تعليم کاتي جي عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرڻ لاء قدم کڻن ته جيئن ٻارن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪري سگھجي. ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊويزن نديم احمد ابڙو ضلعي انتظاميا کي اھا پڻ ھدايت ڪئي ته ڪنھن بہ حادثي يا ھنگامي حالت کي منهن ڏيڻ لاء پلاننگ ڪئي وڃي.ان صحت کاتي جي ضلعي آفيسر کان ضلعي جي اسپتالن ۽ دوائن ۽ عملي بابت ڄاڻ ورتي ۽ صحت کاتي ۾ سڌارن آڻڻ لاءَ پڻ ھدايت ڪئي. ان کان پھريان ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم ڪمشنر کي ضلعي جي صحت، تعليم، زراعت،لائيو اسٽاڪ،روڊ رستن، بلڊنگز ۽ ٻين ترقياتي رٿائن ۽ عوامي سھولت ۽ مسئلن بابت آگاهي ڏني.