ڪنهن کي خبر ئي نہ هئي تہ ننڍين اکين ۽ ڀورن وارن وارو بيحد شرميلو هڪ نہ پر ٻہ دفعا آمريڪا جو صدر ٿيندو، اڄڪلھ ڊونلڊ ٽرمپ کي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا Trupm 2.0 جي نالي سان لکي پئي. ڊونلڊ ٽرمپ جو والد فريڊ ٽرمپ جرمني کان هجرت ڪري آمريڪا ۾ اچي رَهيو، جتي هن پراپرٽي جي خريد و فروخت جو ڪاروبار شروع ڪيو ۽ ڏينهون ڏينهن کيس ڪاروبار ۾ تمام گهڻي ترقي ملي. ڊونلڊ ٽرمپ جو پورو نالو ڊونلڊ جان ٽرمپ آهي، پر ڊونلڊ ٽرمپ جي نالي سان جتي ڪٿي سڃاتو وڃي ٿو، ڊونلڊ ٽرمپ جو جنم 14 جون 1946ع ۾ نيويارڪ جي هڪ علائقي ڪوئينز ۾ ٿيو. نهايت ئي شرارتي هئڻ ۽ اسڪول مان مسلسل شڪايتن جي ڪري سندس والد کيس 13 سالن جي عمر ۾ کيس ملٽري اڪيڊمي موڪلي ڇڏيو. ڊونلڊ ٽرمپ يونيورسٽي آف پينسلوينيا جي وارٽن اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي ۽ پنهنجي والد سان گڏ ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار ۾ پڻ حصو ورتو ۽ ڳالهين کي سمجهڻ شروع ڪيائين.
سندس وڏي ڀاء کي پائليٽ ٿيڻ جو شوق هو جنهنڪري انجي ڪاروبار ۾ ڪابہ دلچسپي نہ هئي تنهنڪري ٽرمپ کي پنهنجي پيءُ سان گڏ ڪاروبار ۾ ساٿ ڏيڻو پيو. ڊونلڊ ٽرمپ جي پيءُ کي سگريٽ نوشي ۽ شراب جي تمام گهڻي عادت هئي جنهنڪري سندس صحت اڪثر خراب پڻ رهندي هئي جنهنڪري سندس والد جي وفات 43 سالن جي عمر ٿي. ڪاروبار جو سڄو ذمو هاڻي ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪلھن تي هو. پنهنجي والد جي اها حالت ڏسڻ کان ٽرمپ سگريٽ نوشي ۽ شراب جي واهپي کان پري رهيو.
هڪ مشهور ڳالھ جيڪا ٽرمپ ڪنهن ٽي وي تي انٽرويو ڏيندي ڪئي هئي تہ هن پنهنجي والد کان هڪ ملين ڊالرز جو قرض کڻي پنهنجو ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار شروع ڪيو. جنهن ۾ کيس ڪافي فائدو حاصل ٿيو والد جي وفات کانپوءِ هن پنهنجو ۽ والد جو ڪاروبار سنڀاليو ۽ هن هڪ آرگنائيزيشن ٺاهي جنهن جو نالو " ٽرمپ آرگنائيزيشن" رکيائين. ڏسندي ۽ ڏسندي هن ان ڪاروبار کي بلندين تائين پهچائي ڇڏيو.
ٽرمپ جي شخصيت ميڊيا لاءِ هميشه توجھ جو مرڪز پڻ رهي آهي. مس يونيورس، مس يو ايس اي ۽ مس يو ايس اي ٽين جي مقابلن جي مالڪ هجڻ جو اعزاز بہ ٽرمپ وٽ آهي. هن 2004ع ۾ هڪ ٽي وي شو " دي اپرينٽس"شروع ڪيو ۽ انجو ميزبان بہ هي پاڻ ئي هو. ان پروگرام ۾ سندس هڪ جملو " you're fired" تمام گهڻو مشهور ٿيو.
1980ع ۾ ڊونلڊ ٽرمپ سياست کي "خود غرض زندگي) چيو هو ان وقت سندس عمر 34 سال هئي پر تعميرات، ڪاروبار ۽ ميڊيا ۾ پنهنجي ڪاميابي حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ سياست ۾ حصو ورتو، هن 2015ع ۾ آمريڪي صدر ٿيڻ جي ڊوڙ ۾ حصو ورتو هن پنهنجي پهرين تقرير ۾ تبديليءَ جي ڳالھ ڪئي هئي. ان ئي تقرير ۾ هن ميڪسيڪو تي الزام لڳايو هو تہ اهي پنهنجا تيار ٿيل ماڻھو اسانجي ملڪ موڪلين ٿا جيڪي فساد ڦهلائين ٿا. ان وقت هن واعدو ڪيو هو تہ اگر هي صدر ٿي ويو تہ آمريڪا جي ڏکڻ ۾ هي هڪ وڏي ديوار ٺهرائيندو.شروعات ۾ ڊونلڊ ٽرمپ هڪ نعرو هنيو هو
جنهن هن جي پهريون دفعو صدر ٿيڻ ۾ ڪاميابي ڏياري سندس نعرو هو
’Make America Great Again‘
يعني ماگا ( MAGA) جي نالي سان اهو نعرو مشهور ٿيو. پهريون دفعو هن جي صدر ٿيڻ وقت هن ايڪس ( ٽوئيٽر) جو ڀرپور استعمال ڪيو هو ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمس سندس ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، هن جڏهن پهريون دفعو اقتدار سنڀاليو تہ هن ست ملڪن ۾ سفري پابنديون لڳايون، ججن جي تعداد ۾ هن اضافو ڪيو، ٽيڪسن ۾ اضافو ڪيو، فوجي بجيٽ وڌائي، سرحدي سڪيورٽي سخت ڪئي، ڪرمنلز قانونن م تبديلي آڻڻ جهڙا ڪارناما پڻ ڪيا. 20 جنوري 2020ع ۾ آمريڪا ۾ ڪرونا جو پهريون ڪيس ظاهر ٿيو ۽ باقي اقتدار جو وقت ان وبا کي ڏيڻ ۾ ئي گذري ويو. جڏهن ٽرمپ پنهنجو اقتدار ڇڏي رهيو ان وقت تائين آمريڪا ۾ چار لک ماڻھو انهيءَ وبا جو شڪار ٿي چڪا هئا جنهنڪري هن کي مخالفن طرفان سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو هو.
2021ع ۾ ٽرمپ وري ٻيهر صدر ٿيڻ لاءِ ووٽنگ ۾ حصو ورتو ۽ 74 ملين ووٽ پڻ حاصل بہ ڪيا پر ناڪام رهيو جنهنڪري کيس احتجاجي سياست جو رخ ڪرڻو پيو ۽ هن جي حامين ڪيپيٽل هل تي حملو ڪيو انهن پر تشدد حملن ۾ پنج ماڻھو پڻ مارجي ويا هئا. ان واقعي کانپوءِ ٽرمپ کي ايڪس ( ٽوئيٽر) تان به بين ڪيو ويو. ٽرمپ وري ٻيهر 2024ع ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻي آهي هن دور ۾ ڏسجي سندس ڪهڙيون پاليسيون ڪامياب ۽ ڪھڙيون پاليسيون ناڪام ٿين ٿيون.
0 تبصرے