English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: سجاڳ ٻار تحريڪ يونٽ رزاق آباد پاران رسول بخش پليجو جي سالگرهه تقريب منعقد
views
|
20th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سالگرهه تقريب دوران رسول بخش پليجو کي شاندار ڀيٽا پيش، پريا ڪماري جي بازيابي جو مطالبو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سجاڳ ٻار تحريڪ يونٽ رزاق آباد جي طرفان دانشور, عوامي تحريڪ جي سربراہ رسول بخش پليجو جي 95ھين سالگره تقريب رزاق آباد ۾ ٿي جنهن ۾ ٻارڙن ڪيڪ ڪٽي رسول بخش پليجو کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي تقريب ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ ضلعي ملير جي صدر ڀورا لعل ڀيل ، يونٽ رزاق آباد جي نائب صدر والم ، يونٽ جنرل سيڪريٽري پرڪاش ڪمار ، دليپ ، منور ، لالچند ، راج نندني ، ڪيلاش ڪمار ڳالھائيندي چيو آھي ته گذريل ٽن سالن کان پريا ڪماري اغوا آهي پر اڃان تائين بازياب ناهي ٿي سگهي، پريا جا والدين ۽ عام ماڻهون ٽن سالن کان احتجاج ڪري رهيا آهن، پر ان جي باوجود پوليس ڪاروائي ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آھي اڳواڻن ٻڌايو ته ڪراچي جي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ کي عيب سمجهيو وڃي ٿو ملير ۾ ڪيترائي اسڪول ھلن ئي ڪونھ ٿا جڏھن تہ لکن روپين جو بجيٽ ھر سال پاس ٿيندو آھي ملير جي علائقن ۾ امن تباھ لڳل آھي پوليس گھيري ننڊ ستل آهي سر عام ڌاڙا ھنيا ٿا وڃن پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه آھي ڪيو انھن ايس ايس پي ملير ۽ ايس ايڇ او شاھ لطيف کان مطالبو ڪيو آھي ته ھن علائقي جو امن بحال ڪري ڏنو وڃي اڳواڻن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تہ، گذريل ٽن سالن کان اغوا ٿيل 7 ورهين جي ٻارڙي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ قانوني ادارن طرفان ڪا به ڪوشش ناهي ڪئي وئي، پوليس معصوم ٻارڙن کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي. ان ڪري معصوم ٻارڙن، جي بازيابي لاءِ ٻارڙن جا والدين سخت پريشان آھن، جنھن جي ذميوار پوليس ۽ سنڌ حڪومت آھي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سازش تحت سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪيو ويو آهي اڳواڻن هاءِ ڪورٽ آف سنڌ، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سميت سمورن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري سميت اغوا ٿيل سمورن ٻارڙن کي جلد بازياب ڪرايو وڃي، نہ ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
سجاڳ ٻار تحريڪ
رزاق آباد
رسول بخش پليجو
0 تبصرے