English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم اويئر ۽ سي پي ڊي آءِ جي گڏيل سهڪار سان ورڪشاپ منعقد
views
|
20th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
7مھينا گذرڻ باوجود به بجيٽ اجلاس ۾ رکيل اسڪيمن جو ڪم شروع نه ٿيو آھي: مقرر
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم طرفان ورڪشاپ، شھر جي چونڊيل نمائندن، وڪيلن، سول سوسائيٽي ۽ شھر جي معززين وڏي انگ ۾ شرڪت. خبر موجب عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم اويئر ۽ سي پي ڊي آئي جي گڏيل سھڪار سان ورڪشاپ ٿي گذريو جنھن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ھريش چندر، ميونسپل ڪميٽي جي ميمبرن رميش ڪمار رتناڻي، نندلال مالهي، عاشق سمون، ڊسٽرڪٽ بار ڪائونسل جي ميمبرن سينيئر ايڊوڪيٽ اظھر آرائين، اعجاز ھاليپوٽو، سماجي اڳواڻ ايڊوڪيٽ محمد بخش ڪنڀار، ايڊوڪيٽ نور محمد نھڙي، عبدالخالق، عوامي تحريڪ جي نوجوان اڳواڻ حليم مڱريو، صحافين غلام مصطفي مھر، سوائي مل، اويئر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر علي اڪبر راهمون سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ اويئر جي ايگزيڪيٽيو ڊائريڪٽر علي اڪبر راھمون پاران پروجيڪٽ جو تفصيلي تعارف ڪرايو جڏھن ته ورڪشاپ دوران ڳالھائيندي ميونسپل ڪميٽي جي ميمبر رميش ڪمار رتناڻي چيو ته 7 مھينا گذرڻ باوجود به بجيٽ اجلاس ۾ رکيل اسڪيمن جو ڪم شروع نه ٿيو آھي اسان کان 40 لک رپين جي اسڪيمن بابت پرپوزل جمع ڪرايا پر اڃا تائين اسان کي ھڪ به اسڪيم ناھي ملي اسان وارڊ مان عوام جي ووٽن جي ذريعي چونڊجي آيا آھيون وارڊ جي عوام جو ڪجھ پاڙن جي گلين جو ڪم پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ طرفان سنڌ حڪومت کان منظور ڪرايل فنڊن مان ٿيو آھي پر ميونسپل ڪميٽي مان چونڊجي اچڻ کانپوء ھن وقت تائين ھڪ به اسڪيم ناھي ملي ايم سي جي پي ٽي آء جي ڪائونسلر نندلال مالھي چيو ته اسان ته اپوزيشن ۾ آھيون حڪومتي ڌر سان لاڳاپيل ڪائونسلر به دانھون ڪن ٿا ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ۽ سي ايم او ۾ اڻبڻت سبب ميونسپل ڪميٽي جو ڪارونھوار سخت متاثر آھي وڪيل اظھر آرائين چيو ته عوامي مسئلن جي لاء قانوني طور تي مدد ڪرڻ لاء آئون تيار آھيان ڪوبه شھري شھر جي ڪنھن به عوامي مسئلي لاء مون وٽ اچن ته آئون بغير فيس تي به ھنن جي مدد لاء تيار آھيان ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ھريش چندر سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 تي تفصيلي ڳالھايو ايڊووڪيٽ محمد بخش ڪنڀار رائيٽ ٽو انفارميشن ايٽ ۽ انھي جي اسٽيپ بائي اسٽيپ مڪينزم تي تفصيلي ڄاڻ ڏني آخر ۾ آيل سڀني معزز مھمان جو اويئر جي نمائندي عابد حسين نھڙي طرفان شڪريو ادا ڪيو ويو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
ورڪشاپ
0 تبصرے