قومي عوامي تحريڪ پاران سڄي سنڌ ۾ عظيم مفڪر رسول بخش پليجو جي سالگرھ ملھائي وئي

قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ سميت مختلف محاذن سڄي سنڌ ۾ تقريبون ڪوٺائي رسول بخش پليجو جي سالگرھ جا ڪيڪ ڪاٽيا ويا

قومي عوامي تحريڪ پاران سڄي سنڌ ۾ عظيم مفڪر رسول بخش پليجو جي سالگرھ ملھائي وئي

حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي سڏ تي عظيم مفڪر رسول بخش پليجو جي 95ھين سالگرھ سڄي سنڌ ۾ ملھائي وئي. قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ سميت مختلف محاذن سڄي سنڌ ۾ تقريبون ڪوٺائي رسول بخش پليجو جي سالگرھ جا ڪيڪ ڪاٽي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي. ڪراچي ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، ڊويزنل صدر اشفاق چنڙ، منان شيخ، فرحان لاڙڪ، ناھيد جوڳي ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو، حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، الطاف خاصخيلي، ضلعي صدر نذير بليدي، جنرل سيڪريٽري معشوق چانڊيو، عباس پٺاڻ، بابو ميمڻ ۽ ٻين مرڪزي آفيس تي تقريب ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيو، ڪنڌڪوٽ ۾ ضلعي صدر فدا مھمداڻي، سجاد بروھي، شعيب ڊومڪي، ڊگھڙي پريس ڪلب ۾ ضلعي صدر شوڪت نوحاڻي، مجيد ٻگھيو، انور نوحاڻي، راجيش ڪمار، منير نوحاڻي، بابو نوحاڻي ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو ٽنڊو الھيار ۾ عثمان لغاري، ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، مقصود ڀرڳڙي، بدين ۾ بچل احمداڻي، سانول گوپانگ، گيانچند مھيشوري، وارھ ۾ ضلعي صدر ڪامريڊ علي اڪبر خاصخيلي، سرتاج احمد چانڊيو، مشتاق احمد چانڊيو، پناھ تونيو، ايس ايس ٽي اڳواڻ عادل ڀٽي، آفاق ٻُرڙو، قاضي مُظفر ۽ ٻين اڳواڻن ڪيڪ ڪاٽيو. لاڙڪاڻو ۾ سڪندر لاشاري، اسلم سومرو، جميل ميمڻ، شڪارپور ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ زاھد گھلو، آغا فھد، امداد سومرو، ظفر چنا ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو ۽ رسول بخش پليجو کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي. ٺل ۾ ايڊووڪيٽ روشن ڪنراڻي، ضلعي صدر فريد جعفري، اعجاز ڪنراڻي، وھاب ڪنراڻي، ڏھرڪي ۾ لطف ميان شر، محبت سميجو، تراب شر ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽي رسول بخش پليجو کي خراج تحسين ۽ ڀيٽا پيش ڪئي. سڪرنڊ ۾ رسول بخش لغاري، نادر لغاري، ڄام صاحب ۾ ابراھيم بگٽي، ضلعي صدر مير منگي ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو، مورو ۾ خان سومرو، غلانبي لاکو، ھدايت الله سومرو، مٽياري ۾ ماجد خاصخيلي، ظفر خاصخيلي، نعيم احمد، شھدادپور ۾ زبير ماڪوڙاڻي، محمود رخشاڻي، صدام کوسو، آتم ڀيل، ڪرم خاصخيلي، عمرڪوٽ ۾ گل حسن پلي، راجا درست، مٺي ۾ شاھنواز ھڱورو، سريش ڪمار، موھن سوجاڻي، زاھد گل اوٺو، مويا ۾ رمضان رند، حنيف باگراڻي، آڪاش رند، ميھڙ ۾ مير کوسو، منور جتوئي، سومر چانڊيو، جاويد چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن ڪيڪ ڪاٽي رسول بخش پليجو جي شخصيت تي ڳالھائي کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي.