English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن ميرپورخاص شهزاد شيخ جي صدارت هيٺ گڏجاڻي
148 views
|
28th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ لاءِ مليل درخواستن جي مڪمل جاچ ڪرڻ کان بعد صحافين جون درخواستون موڪليون وڃن: شهزاد شيخ
ميرپورخاص (بيورو) ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن ميرپورخاص شهزاد شيخ جي صدارت هيٺ ڊويزنل ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ اسڪروٽني ڪميٽي جي گڏجاڻي اڄ سندس آفيس ۾ منعقد ٿي ، جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن ٿرپارڪر سليم احمد جتوئي، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن ميرپورخاص غلام رضا کوسو ضلعي انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي ۽ آفيس اسسٽنٽ عرفان احمد شيخ شرڪت ڪئي. ڊائريڪٽر انفارميشن شهزاد شيخ ضلعي انفارميشن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ لاءِ مليل درخواستن جي مڪمل جاچ ڪرڻ کان بعد انهن صحافين جون درخواستون موڪليون وڃن. ڊويزنل ڊائريڪٽر ميرپورخاص شهزاد شيخ چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ايڪريڊيشن ڪارڊ صرف پروفيشنل ۽ حقيقي صحافين کي جاري ڪيا وڃن. هن چيو ته اطلاعات کاتي جي ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ بابت نئين پاليسي تحت اهڙيون اخبارون جيڪي صرف سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي موجود آهن. نمائندن، ويب چينلن جي نمائندن ۽ ڪنهن سرڪاري ملازم کي جيڪو پڻ صحافي طور ڪم ڪري ٿو، کي ڪارڊ جاري نه ڪيا ويندا ۽ صرف رجسٽرڊ اخبارن ۽ ٽي وي چينلن جي نمائندن کي سندن لاڳاپيل ادارن طرفان درخواست فارم تي تصديق ٿيڻ بعد ڪارڊ جاري ڪيا ويندا. گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ويو ته ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ صرف ميڊيا آرگنائيزيشن جي هڪ نمائندي ضلعي رپورٽر کي جاري ڪيو ويندو ، جڏهن ته پروفيشنل جرنلزم ۾ ٻن سالن جو تجربو رکندڙ ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ لاءِ درخواست فارم جمع ڪرائڻ جا اهل هوندا. گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 30 اپريل 2025 کان پوءِ ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ درخواستون وصول نه ڪيون وينديون
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن
0 تبصرے