English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گھارو شھر ۾ مشھور ڪيفي عمران ھوٽل ٽو جوافتتاح, سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت
273 views
|
28th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
عاشق زرداري، رياض شاھ شيرازي،ڄام گھرام جوکيو ۽ ٻين افتتاح ڪيو
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)گھارو شھر ۾ مشھور ڪيفي عمران ھوٽل ٽو جو شاندار افتتاح، وڏي تعداد ۾ مقامي ماڻهن ۽ معزز مهمانن جي شرڪت،تفصيل مطابق ڪلهه رات گھارو شھر ۾ قائم ڪيفي عمران ٽو ھوٽل جي شاندار افتتاحي تقريب وڏي جوش ۽ جذبي سان منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ علائقي جي معزز ماڻهن، صحافين، ۽ مقامي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب دوران ڪيفي جي مالڪ پنهنجي نئين هوٽل جي شاندار ماحول، صفائي ۽ بهترين سهولتن بابت تفصيل سان ٻڌايو. تقريب جي شروعات مهانن کي ڀليڪار چئي ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ هوٽل جي افتتاحي فتي ڪاٽڻ جي رسم ادا ڪئي وئي.جنھن دوران پ پ اڳواڻ عاشق زرداري،صوبائي وزير سيد رياض شاھ شيرازي،ڄام گھرام جوکيو،۽ ٻين ھوٽل جي ريبن ڪٽي افتاح ڪيو،ان موقعي تي ڪيترن ئي معزز مهمانن ڪيفي جي مالڪ جي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته ڪيفي عمران ٽو هڪ اهڙي شاندار هوٽل آهي جيڪا مقامي ماڻهن لاءِ بهترين کاڌي ۽ آرامده ماحول فراهم ڪندي.تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن ڪيفي عمران جي بهترين صفائي، پرڪشش اندروني ڊيزائن، ۽ بهترين جڳهه تي هوٽل قائم ڪرڻ تي مالڪ جي تعريف ڪئي. ان کان علاوه، ڪيفي ۾ جديد طرز جا کاڌا ۽ بهترين سهولتون ڏسي مهمانن خوشيءَ جو اظهار ڪيو، جڏھن تہ مقامي ماڻهن ۽ معزز مهمانن تقريب کانپوءِ ڪيفي جو جائزو ورتو ۽ خوشي جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ڪيفي عمران ٽو علائقي ۾ معياري کاڌي ۽ بهترين سهولتن جو نالو روشن ڪندو. مالڪ پڻ واعدو ڪيو ته هو پنهنجي گراهڪن جي اعتماد تي پورو لهڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو.ڪيفي عمران ٽو جي افتتاحي تقريب هڪ يادگار لمحو بڻجي وئي، جتي سڀني ماڻهن گڏجي هن نئين شروعات جي ڪاميابي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.افتتاحي تقريب ۾ اڳوڻو ايم اين اي ڊاڪٽر واحد سومرو،پير رحماني،ضلعي وائيس چيئرمن ممتاز جلباڻي،ارباب وزير ميمڻ،حنيف صابوگر،ايم اين اي صادق علي ميمڻ، ضلعي سجاول جي ڊسٽرڪٽ چيئرمن دانش ملڪاڻي،مختلف پريس ڪلب جي صحافين،عوامي پريس ڪلب ٺٽو جو صدر بلاول سمون،سميت سوين معززين شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
آبادگارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ استادن جو 2023 جي آدمشماري جو معاوضو نھ ملڻ خلاف احتجاج
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ايس ٽي پي پاران سنڌوءَ جي تحفظ لاءِ 2 آگسٽ تي ريلي ڪڍڻ جو اعلان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گھارو
ٺٽو
0 تبصرے