ملير جي مختلف ڳوٺن ۾ گندگي جا ڍير، عبدﷲ ڳوٺ جي هڪ ۽ ٻه نمبر روڊ جا گٽر اٿلي پيا

گندو پاڻي مختلف رستن تي تلاءَ جي شڪل ۾ بيٺل، رهواسي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور

ملير جي مختلف ڳوٺن ۾ گندگي جا ڍير، عبدﷲ ڳوٺ جي هڪ ۽ ٻه نمبر روڊ جا گٽر اٿلي پيا

ملير (عبدالرشيد مورجھريو)ملير جي مختلف ڳوٺن ۾ گندگي جا ڍير، عبدﷲ ڳوٺ جي هڪ ۽ ٻه نمبر روڊ جا گٽر اٿلي پيا، ماڻهون سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ لڳا،شڪايتن باوجود انتظاميه اک نه پٽي،گٽرن جو گندو پاڻي روڊن تي تلاءُ جو ڏيک ڏيڻ لڳو نمازي،اسڪولي ٻارڙا ۽ ڪاروباري ماڻهون عذاب ۾ مبتلا، ڪير به نوٽس وٺڻ لاءِ تيار ناهي ٽائون چيئرمين مسئلن کي حل ڪرائي فرحان سرگاڻي، عبدالستار کوسو، افضل جاکرو تفصيل موجب: ملير جي ابراهيم حيدري ٽائون جي سنيٽيشن کاتي جي نااهلي سبب دائود شورو ڳوٺ ڌڻي پرتو ڳوٺ ۽ عبدﷲ ڳوٺ گندگي جي ور چڙهی ويا آھن شڪايتن باوجود انتظاميه اک نه پٽي گٽرن جو گندو پاڻي روڊن تي تلاءُ جو ڏيک ڏيڻ لڳو رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن فرحان سرگاڻي، عبدالستار کوسو، افضل جاکرو ۽ ٻين چيو ته گذريل ٽن مهينن کان گٽر بند ٿي ويا آهن جنهن سبب گٽرن جو گندو پاڻي روڊن تي تلاءُ جي صورت اختيار ڪري ويو آهي نمازي اسڪول جا شاگرد ۽ ڪاروباري ماڻهون سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن پر ڪير به نوٽس وٺڻ لاءِ تيار ناهي هنن وڌيڪ چيو ته ووٽ وٺڻ لاءِ چونڊيل نمائندا روزانو ڳوٺ جا چڪر ڪاٽيندا هئا پر هاڻي فون کڻڻ ۽ ڳالھ ٻڌڻ لاءِ به تيار ناهن اسان کي گورنمينٽ جون نوڪريون نه کپن رڳو سيوريج سسٽم جي مرمت ڪرائي گٽر جو گندي پاڻي نيڪال ڪري صفائي جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي جيئن گندگي سبب معصوم ٻارڙن ۾ پکڙيل بيمارين تي ضابطو آڻي سگهجي هنن ٽائون ابراهيم حيدري جي چئيرمين کي اپيل ڪئي ته سنٽيشن عملي جي غفلت جو نوٽس وٺي مسئلو حل ڪرايو وڃي..،