English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ويجهو يوسي وائيس چيئرمين جي سرن جي بٺي تان چوري
views
|
22nd Jan 2025
•
سنڌي خبرون
چور عامر ڏيرو جي بٺي تان لوڊر رڪشا، 7 سولر پليٽون، 2 بيٽريون کڻي فرار
ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪري باء پاس وٽان پ پ اڳواڻ، يوسي وڪڙو جي وائيس چيئرمين عامر علي ڏيرو جي سرن جي بٺي تان نامعلوم چور دڪان جا تالا ٽوڙي دڪان ۾ بيٺل لوڊر رڪشه 7 سولر پليٽون ۽ 2 بيٽريون کڻي ويا آھن، جڏھن ته اهڙو اطلاع ڏوڪري پوليس کي ڏنو ويو آھي، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي واقعي بابت تفصيل گڏ ڪري ورتا.جڏھن ته ڏوڪري پوليس پيرين جي مدد سان پيرا کڻائي رهي آھي،هوڏانهن پ پ اڳواڻ يوسي وڪڙو جو وائيس چئرمين عامر علي ڏيرو ميڊيا کي ٻڌايو ته ڏوڪري باء پاس وٽان منهنجو سرن جو بٺو آھي جتي گذريل رات دير سان نامعلوم چور منهنجي دڪان جا تالا ٽوڙي منهنجو بيٺل لوڊر رڪشه، 7 سولر پليٽون ۽ 2 هيوي بيٽريون دڪان ۾ پيل هيون جيڪي نامعلوم چور کڻي ويا آھن. هن چيو ته اسان اهڙو اطلاع ڏوڪري پوليس کي ڏنو آھي، پوليس ۽ پيرين جي مدد سان پيرا کڻائي رهيا آھيون.هن چيو ته ڏوڪري پوليس بنا دير منهنجو چوري ٿيل رڪشه لوڊر سولر پليٽون ۽ بيٽريون واپس ڪرائي ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
18th Aug 2025
•
سندھ
سندھ میں مہنگائی کا سبب کرپشن اور ناقص گورننس ہے، نظام وقیادت کی تبدیلی ناگزیرہے، اسد اللہ بھٹو ایڈوکیٹ
18th Aug 2025
•
سندھ
عہد کریں ،علم کی روشنی کو عام کرینگے، سید امتیاز الحق بخاری
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبرپختونخوا، کشمیر، گلگت میں ہلاکتیں 400 سے متجاوز، شدید بارشوں کی پیشگوئی
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ويجهو حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
مدئجي ڀرسان مبينا مقابلي ۾ هڪ پوليس اهلڪار زخمي
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
وزير ۽ ڪامورا عوام جي ٽئڪس سان ھلن ٿا پر پاڻ کي بادشاھ سمجھن ٿا: اياز لطيف پليجو
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ويجهو رٽائرڊ فوجي جوان جو معصوم پٽ سميت احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڏوڪري
0 تبصرے