پاڪستان گهمڻ آيل سياح عورت هجوم هٿان هراسمينٽ جو شڪار

ماڻهن پاران سياح عورت سان خراب ورتاءَ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي

پاڪستان گهمڻ آيل سياح عورت هجوم هٿان  هراسمينٽ جو شڪار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ فيصل مسجد جي سياحت لاءِ آيل پرڏيهي عورت کي هجوم هراسان ڪيو آهي.عورت سان خراب ورتاءَ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، اهو افسوسناڪ واقعو عيد جي ٻئي ڏينهن پيش آيو ۽ چيو پيو وڃي ته پوليس طرفان واقعي ۾ ملوث بدمعاشن خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.شڪر پڙيان واقعي کانپوءِ هي ٻيو اهڙو واقعو آهي، وڊيو تي سوشل ميڊيا واهپيدار سخت رد عمل ڏئي هيا آهن.