English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجو سان سانا جي اڳواڻن جي ملاقات، عالمي، ملڪي ۽ سنڌ جي صورتحال تي ڳالهيون
views
|
15th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ سميت سڄي دنيا م رھندڙ 10 ڪروڙ سنڌي پنهنجي سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙھندا: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان سندس رهائشگاھ پرنس ٽائون قاسم آباد تي سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي صدر مقبول هاليپوٽو جي اڳواڻي ۾ سانا اڳواڻ اعجاز ترڪ، علي خاصخيلي، خليل ميمڻ، غفار سومرو، ناصر جمال پٺاڻ، ستار هاليپوٽو، لطف هاليپوٽو۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻ ذوالفقار هاليپوٽ ملاقات ڪئي ملاقات دوران عالمي، ملڪي ۽ سنڌ جي موجوده صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي آهي.ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو تہ سنڌ سميت سڄي دنيا م رھندڙ 10 ڪروڙ سنڌي ماڻهو پنهنجي سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙھندا سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهو پنهنجي درياھ ۽ زمينن کي بچائڻ لاءِ ڀرپور احتجاج ڪن. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪري سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جي سازش آهي، گرين پاڪستان منصوبو سنڌ جي زمينن تي قبضن جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري اوچتو ناهي ڏني وئي، سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ جي تاريخ پراڻي آهي. چشما جهلم لنڪ ڪينال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ٺھڻ وقت چيو ويو تہ آھي صرف ٻوڏ دوران سنڌ جي منظوري کان پوء کوليا ويندا پر ھاڻ سڄو سال سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي ڪئنال وھايا وڃن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ گريٽر ٿل ڪئنال ڌاڙيل واھ آھي. سمورا ڌاڙيل منصوبا پيپلز پارٽي جوڙيا آھن. اقتدار خاطر ھاڻ وري 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي سنڌ دشمن سازش جوڙي وئي آھي، جنھن کي ڪنھن بہ ريت ڪامياب ٿيڻ نہ ڏنو ويندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مان 176 ڪلوميٽر ڊگهو ڪئنال ٺاھڻ جي سنڌ دشمن سازش ڪئي پئي وڃي، پنجاب ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي. پنجاب ڪالاباغ جو خوفناڪ پلاند ڪري رھيو آھي. چولستان ڪئنال نڪرڻ کانپوءِ سنڌ۽ سنڌي ماڻهو مڪمل تباھ ٿي ويندا. ڪراچي کان ڪشمور تائين پيئڻ جي پاڻي جو پاڻي بہ نہ ملندو ۽ سنڌ ڏڪار جي ور چڙهي ويندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڻي جي جدوجھد جياپي جي جدوجھد آھي. ھي ڪروڙين ماڻھن جي زندگين جو مسئلو آھي. پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بنائڻ لاءِ ڪروڙين ماڻھن جون زندگيون داءُ تي لڳائي ڇڏيون آھن. سنڌ جي وسيلن جي قيمت ادا ڪئي پئي وڃي. سنڌ جا ماڻھو پنھنجي جياپي لاءِ پرامن احتجاج جاري رکن.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي جي غلط پاليسن جي ڪري سنڌ عذاب مان گذري رهي آهي سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي تيل، گئس، ڪوئلو سميت ٻي معدنيات آهي زراعت، سمنڊ، جبل، درياء ۽ بندرگاھ آهن اھڙن ڌرتي وسيلن وارا رياستون ۽ ملڪ ترقي يافته ۽ خوشحال آهن پر سنڌ جو عوام بدحال ۽ 17 سالن کان سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ پيپلزپارٽي جا حڪمران خوشحال آهن پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ وزيرن، مشيرن ۽ زرداري ٽولي سنڌ مان اربين روپيا ڪرپشن ذريعي لٽي دبئي آمريڪا، لنڊن ۽ ٻين ملڪن لاءِ منتقل پنهنجي بي پناھ دولت ٺاهي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن تي حملي آور ثابت ٿي آهي اقتدار کان اڳ ۾ نمائشي طور سنڌ جي حقن جون ڳالھيون ڪندا آهن ۽ جڏهن پيپلزپارٽي کي اقتدار ملندو آهي تہ سنڌ وسري ويندي آهي سنڌ سان ھر دور ۾ دوکو ڪيو ويو آهي پيپلزپارٽي ۽ آصف زرداري سنڌو درياھ، ڪوئلو، گئس، ساحلي پٽي، گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جون ھزارين ايڪڙ زمينون، ٻيٽ، ڪارونجھر، ۽ ٻيا وسيلا وڪڻي ڇڏيا.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي اڌ سنڌ ڌاڙيلن جي حوالي ڪري ڇڏي آھي. ڀنگ نہ ملڻ ڪري مغوين کي قتل ڪيو پيو وڃي. معصوم ٻار اغوا ڪري انھن کي زنجيرن سان ٻڌي ۽ بدترين تشدد جون وڊيو وائرل ڪري سڄي سنڌ ۾ دھشت ۽ خوف جو ماحول پيدا ڪيو ويو آھي. پ پ وزير رڳو ڪرپشن ڪري رھيا آھن. سنڌ جي امن، ترقي ۽ خوشحالي سان انھن جو ڪو واسطو ناھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پ پ حڪومت ڌاڙيلن ۽ جرڳن جي سرپرستي ڪري رھي آھي. آپريشن جي نالي ۾ پوليس آفيسرن کي شھيد ڪرائي ڌاڙيل راڄ مضبوط ڪيو وڃي ٿو. ڪندڪوٽ، ڪشمور، گھوٽڪي، شڪارپور سميت اتر سنڌ جا لکين ماڻھو ڌاڙيلن جي رحم ۽ ڪرم تي آھي. جيڪي ماڻھو اغوا ٿين ٿا، اھي لکين روپيا ڀنگ ڀري بازياب ٿين ٿا.سانا جي صدر مقبول ھاليپوٽو چيو تہ سنڌ صدين کان رواداري، سھپ، امن واري ڌرتي آھي۔ جيڪو سنڌ جي ھزارين سالن جي ڀائچاري، امن، رواداري کي نقصان ڏيندو اھو نہ رڳو سنڌ پر پاڪستان جو بہ دشمن آھي. مقبول ھاليپوٽو چيو تہ سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي، سنڌو درياھ ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي. سنڌو درياھ سنڌ جي زندگي آھي. حڪمرانن کي سمجھڻ گھرجي تہ انڊس رور سسٽم ۾ ملڪ جي ضرورت جيترو پاڻي ناھي، جنھنڪري ڪو بہ ڪئنال ۽ ڊيم ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جيڪڏھن ڪئنال ٺھي ويا تہ سنڌ تباھ ٿي ويندي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جا اڳواڻ ارسلاه بهلڪاڻي، خادم سمون، شوڪت سريوال، رفيق ڪنراڻي، زينت سمون، نصرت خاصخيلي، صبا خادم، شائسته ابڙو، رخسانا بهلڪاڻي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jan 2025
•
دنیا
امریکا بھر میں ٹک ٹاک بند
19th Jan 2025
•
تازہ ترین
ژوب: پاک افغان بارڈر پر دراندازی کی کوشش ناکام، فورسز سے مقابلے میں 5 خوارج ہلاک
17th Jan 2025
•
سندھ
پاکستان ایگریکلچر اینڈ ہارٹیکلچر فورم کے سینئر نائب صدر خالد اعجاز کا حکومت سندھ سے پاکستان کے پہلے اے پی ای زیڈ کی خستہ حالی کا فوری نوٹس لینے کا مطالبہ
17th Jan 2025
•
سندھ
عمران خان اور بشریٰ بی بی کے خلاف عدالتی فیصلہ انصاف کی جیت ہے، اظفر صدیقی
19th Jan 2025
•
دنیا
امریکا بھر میں ٹک ٹاک بند
19th Jan 2025
•
تازہ ترین
ژوب: پاک افغان بارڈر پر دراندازی کی کوشش ناکام، فورسز سے مقابلے میں 5 خوارج ہلاک
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
اطلاعات کاتي سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري جو ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس ٺٽي جو دورو
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ اجمير نگر پوليس تي 2 لک نه ڏيڻ تان نوجوان کي هاف فراءِ ڪرڻ جو الزام
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌ
اياز لطيف پليجو
sana
سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا
سنڌياڻي تحريڪ
0 تبصرے