English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پريالوءِ ويجهو ناريجا سولنگي خوني تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 نوجوان قتل
58 views
|
06th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ڳوٺ کولرا ۾ ناريجا برادري جي هٿياربندن گوليون هڻي محمد يامين سولنگي ۽ ثناءُ الله سولنگي کي قتل ڪري ڇڏيو
پريالوءِ (رپورٽر) پريالوءِ ڳوٺ کولرا ۾ ناريجا برادري جي هٿياربندن پاران وحشياڻو حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه نوجوان، محمد يامين سولنگي ۽ ثناءُ الله سولنگي، بي درديءَ سان قتل ٿي ويا. هي واقعو هلندڙ تڪرار تان ٿيو آهي . حملو ڪندڙ هٿياربندن ڳوٺ ۾ خوف ۽ دهشت پکيڙي فرار ٿي ويا. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڪشمڪش واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. مقتول نوجوانن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جتي ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويندا. مقامي ماڻهن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ علائقي ۾ امن قائم ڪيو وڃي. محمد يامين سولنگي ۽ ثناءُ الله سولنگي جا لاش پير جو ڳوٺ اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. مقتولن جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جا نوجوان مال چاري رهيا هئا ته ٽن موٽرسائيڪلن تي سوار ناريجا ڌر جي هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪري قتل ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غربت ۽ بيروزگاري، جنھن سان زندگي زھر بڻجي ٿِي!
22nd Dec 2025
•
دنیا
مکہ مکرمہ میں منشیات اسمگلنگ، دو پاکستانی شہریوں کو سزائے موت دے دی گئی
22nd Dec 2025
•
پاکستان
پی آئی اے کی نجکاری کا اہم مرحلہ، 75 فیصد شیئرز کی بولی کل ہوگی
22nd Dec 2025
•
تازہ ترین
بنگلادیش میں جماعتِ اسلامی کی کامیابی کے لیے دعا گو ہیں: خواجہ سعد رفیق
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ملز سيڪيورٽي عملدارن هٿان مارجي ويل نوجوان ٻئي عملدارن خلاف داخل ڪيس جي ڪاپي
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ايس ايڇ او افتخار باجوا جي معطلي بعد محمد حسين جٽ ايس ايڇ او مقرر
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊمپر ۽ ٽرڪ حادثن ۾ اضافو
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري ٽائون آفيس ڀرسان رزاق آباد جو غريب آباد پارڙو مسئلن جي ور چڙهيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
پريالوءِ
ناريجا سولنگي
خوني تڪرار
0 تبصرے