English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
2024 ملڪ ۽ سنڌ جي ماڻھن لاءِ بيڊ گورننس جي ڪري بدتر رھيو: اياز لطيف پليجو
177 views
|
01st Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياھ ڪارونجھر، لکين ايڪڙ زمين، ٻيٽن، ميرٽ لاءِ سڄي سنڌ کي جاڳائي جدوجھد ڪئي ويندي
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ 2024 ملڪ ۽ سنڌ جي ماڻھن لاءِ بيڊ گورننس جي ڪري بدتر رھيو. اقتداري مفادن خاطر سنڌ جا وسيلا داءُ تي لڳايا ويا.اتر سنڌ جا ضلعا ڌاڙيل راج جي ڪري جھنم بنايا ويا. نياڻيون ۽ معصوم ٻار اغوا ڪري قتل ڪيا ويا. سنڌو درياھ تي قاتل منصوبا مڙھڻ جي رٿا جوڙي وئي. سنڌي ماڻھو پنھنجي قومي ۽ انساني حقن لاء سڄو سال جدوجھد جي ميدان تي رھيا ۽ حڪمران گونگا ۽ ٻوڙا رھيا. نئين سال کي قومي ۽ انساني حقن جي جدوجھد جو سال ڪري ملھايو ويندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڇا بہ ٿي پوي سنڌو درياھ تي قاتل منصوبا قبول نہ ڪيا ويندا. سنڌو درياھ ڪارونجھر، لکين ايڪڙ زمين، ٻيٽن، ميرٽ لاءِ سڄي سنڌ کي جاڳائي جدوجھد ڪئي ويندي.اياز لطيف پليجي چيو تہ جدوجھد کان سواءِ اڳتي وڌڻ جو ٻيو ڪو بہ رستو ناھي. نوجوان تعليم تي ڌيان ڏين. ميرٽ سان مقابلو ڪن. اعلي تعليم ۽ روزگار لاءِ ٻين ملڪن ڏانھن وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسڪالرشپس حاصل ڪن. نوڪرين لاء ڪرپٽ وزيرن ۽ وڏيرن جي بنگلن جا چڪر ھڻڻ بدران ھنرمند ٿين. پنھنجو روزگار قائم ڪن. ٻين ملڪن ڏانھن روزگار لاءِ وڃن. ڪاميابيون مقابلا ڪرڻ وارن جا قدم چمنديون آھن. ايندڙ وقت اڃا وڌيڪ مشڪل وارو ٿي سگھي ٿو. انڪري سنڌ جا ماڻھو ڳوٺن مان نڪري وڏن شھرن ۾ اچن. ڪراچي اچن. روزگار ڪن. ننڍا ننڍا ڪاروبار شروع ڪن. قومي حقن جي جدوجھد کان لاتعلق ٿيڻ بدران ان ۾ شامل ٿين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
آسمان پر روشن آگ کا گولا دیکھ کر شہری خوفزدہ
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
صفائی کرنے والا ملازم کمپنی کا سربراہ بن گیا
01st Jul 2026
•
سائنس اور ٹیکنالوجی
سورج سے بھی قدیم مہمان نے سائنس دانوں کو حیران کر دیا
01st Jul 2026
•
سندھ
محکمہ اطلاعات و تعلقاتِ عامہ (ڈی جی پی آر) پنجاب کے وفد کا کراچی پریس کلب کا دورہ
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
آسمان پر روشن آگ کا گولا دیکھ کر شہری خوفزدہ
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
صفائی کرنے والا ملازم کمپنی کا سربراہ بن گیا
01st Jul 2026
•
سائنس اور ٹیکنالوجی
سورج سے بھی قدیم مہمان نے سائنس دانوں کو حیران کر دیا
01st Jul 2026
•
سندھ
محکمہ اطلاعات و تعلقاتِ عامہ (ڈی جی پی آر) پنجاب کے وفد کا کراچی پریس کلب کا دورہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے