منھنجو ڪم آھي حقيقي ۽ سچائي سان پريس ڪلب جا مسئلا حل ڪجن: شھزاد احمد شيخ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊائريڪٽر انفارميشن ڊويزنل ميرپورخاص شھزاد شيخ ڊائريڪٽر عمرڪوٽ جي ايم اسلم ڀٽيءَ ۽ ٻين انفارميشن آفيسرن سان گڏ پريس ڪلب عمرڪوٽ جو دؤرو، تفصيل موجب پريس ڪلب عمرڪوٽ جي ھال ۾ سادگيءَ سان تقريب ٿي جنھن کي خطاب ڪندي ڊويزنل ميرپورخاص جي ڊائريڪٽر شھزاد احمد شيخ چيو تہ منھنجو ڪم آھي حقيقي ۽ سچائي سان پريس ڪلب جا مسئلا حل ڪجن، ۽ گڏوگڏ صحافين کي جيڪي بہ پريشانيون مسائل آھن انھن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪندس ھن چيو تہ چيئرمين مئنيجمنٽ ڪميٽي پريس ڪلب عمرڪوٽ رسول بخش رحيمداڻي چيو تہ قائمه ڪميٽيءَ ۾ عمرڪوٽ پريس ڪلب کي نمائندگي ڏني وڃي، اھا حقيقت آھي تہ ھر پريس ڪلب جو صدر يا چيئرمين يا ٻيو ڪو سينيئر ميمبر پريس ڪلب پنھنجي پريس ڪلبن جي ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ سالانه ميٽنگن ۾ نمائندگي ڪري سگھي ٿو مسئلن ۽ مسائل کي حل ڪرڻ لاءِ آئون ڊائريڪٽر انفارميشن عمرڪوٽ کي چوندس تہ ھو پريس ڪلب عمرڪوٽ جي ميمبرن ۽ صحافين کي پروگرامن جي ترجيحي بنيادن تي دعوتون انفارميشن ڊپارٽمينٽ طرفان ڏي جتي کليون ڪچهريون وزير اچن يا ڪي ٻيا آفيسر ڪٿي وزٽ ڪن ۽ عوامي ميڙاڪن کان مخاطب ھجن اتي پريس ڪلب جي ميمبرن کي مدعو ڪيو وڃي ۽ اطلاع ڏنو وڃي ۽ عمرڪوٽ پريس ڪلب جي فنڊن ۾ ڪٽوتي ۽ مالي معاونت واري صحافين جي مدد واري مسئلن ۾ ترجيحي بنيادن تي ايفرٽس وٺنداسين ۽ عمرڪوٽ پريس ڪلب کي نمائندگي ڏيرائينداسين ۽ گڏجي مسئلا حل ڪبا تقريب کي پريس ڪلب عمرڪوٽ جي مئنيجمنٽ ڪميٽي جي چيئرمين رسول بخش رحيمداڻي خطاب ڪندي چيو تہ عمرڪوٽ پريس ڪلب جي فنڊن ۾ ڪٽوتي ڪرائڻ ۾ جيڪي بہ ملوث آھن انھن جو اسانجي پريس ڪلب عمرڪوٽ سان ڪوبه تعلق ناھي، اسانجا عمرڪوٽ جا صحافي محنتي ۽ ورڪنگ جرنلسٽ آھن جيڪي مسئلن کي اجاگر ڪري ايوانن تائين پھچائين ٿا انھن صحافين جي مالي معاونت وارن نالن کي ڪٽرائڻ ۾ جيڪي بہ دخل اندازي ڪن ٿا انھن جو واحد حل عمرڪوٽ پريس ڪلب کي قائمه ڪميٽي ۾ شامل ڪيو وڃي انھي لاءِ ڪراچيءَ انفارميشن ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ جي سيڪريٽري سميت انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اعلي آفيسرن کي درخواستون پڻ ڏنل آھن ھن چيو تہ اسانجي پريس ڪلب عمرڪوٽ جو ڪم ھلندڙ آھي اسانجي صدر پريس ڪلب عمرڪوٽ غلام محمد ڪنڀر سرپرست اعلي پريس ڪلب عمرڪوٽ حاجي گل حسن آريسر عھديدار ميمبر صحافي پريس ڪلب جي ترقي لاءِ جاکوڙي رھيا آھن ۽ ڪم ڪري رھيا آھن ۽ پريس ڪلب جو ترقياتي ڪم ھلندڙ آھي ان موقعي تي صحافين ممتاز آريسر، اتم سنگراسيءَ، امين ڏيپلائي، اسد علي ڀرڳڙي، انفارميشن ميرپورخاص ڊويزن جي ڊائيريڪٽر شھزاد احمد شيخ سان سوالن جي ڏي وٺ ڪئي جنھن تي اطلاعات و نشريات جي ڊائريڪٽر شھزاد احمد شيخ مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ان موقعي تي صحافي پريس ڪلب عمرڪوٽ جو نائب صدر نظر محمد سميجو، محمد اسلم مھر، سجاد علي شيخ، لجپت مالھي، غلام مصطفي مھر، ڪانجي مل رکيسر، سوائي مل رکيسر، اشوڪ درڙو، سورج ڪمار مالھي ۽ ٻيا موجود ھئا ۽ بعد ۾ ڊائريڪٽر انفارميشن ڊويزن ميرپورخاص شھزاد احمد شيخ، رسول بخش رحيمداڻي، غلام محمد ڪنڀر، ڊائريڪٽر عمرڪوٽ جي ايم اسلم ڀٽي ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪلب عمرڪوٽ جي فرسٽ فلور ۽ ھلندڙ ڪم جو جائزو ورتو ۽ وزٽ ڪيو ۽ بھترين سنڌ جو پريس ڪلب قرار ڏنو.
0 تبصرے