ملير: ميمڻ ڳوٺ ۾ واپاري جي گهر مان لکين رپين جو ڌاڙو

ملير: ميمڻ ڳوٺ ۾ واپاري جي گهر مان لکين رپين جو ڌاڙو

ملير (درياخان شر) ملير جي تجارتي مرڪز ميمڻ ڳوٺ ۾ بدامني تي ضابطو اچي نه سگهيو مين مارڪيٽ جي ڀرسان واپاري روشن علي چانڊيو کي گهر مان لکين رپين جو ڌاڙو 8 نامعلوم جوابدارن گهر اندر گهڙي گهر ۾ موجود عورتن مردن کي يرغمال بڻائي 60،لک روپيا ڪيش، سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا واقعي جي اطلاع تي ميمڻ پوليس ۽ ڪرائيم برانچ پوليس پهچي شاهديون گڏ ڪيون، گهر مالڪ روشن علي چانڊيو واقعي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته هو سونارو آهي جڏهن ته مويشي مال جو پڻ ڪاروبار ڪندو آهي سندس گهر ۾ 8،کان وڌيڪ نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن هلان ڪري گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائڻ کانپوءِ الماريون کولي گهر م موجود لکين روپيا ڪيش گهر ۾ رکيل سونا زيور توڙي عورتن کي پهريل سونا زيور موبائل فونون قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن، متاثر واپاري آئي جي سنڌ ايس ايس پي ملير کان واقعي جو نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪندي چيو ته سندس وڏو نقصان ڪيو ويو آهي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل سامان واپس ڏياريو وڃي