English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر ٿيڻ سان گڏ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي: اياز لطيف پليجو
127 views
|
24th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ سنڌو درياھ تي حملو ڪندڙن سان پيپلزپارٽي گڏ آھي سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر ٿيڻ سان گڏ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي ۽ جر جو پاڻي زھريلو ٿي ويندو. سمنڊ ٺٽو، بدين ۽ سجاول ضلعن کي مڪمل ڳڙڪائي ويندو. سنڌو درياھ اسان جو آھي ان تي قبضو ٿيڻ ھرگز نہ ڏينداسين. پيپلزپارٽي چاھي ٿي تہ سنڌي ماڻهو خوشحال ٿيڻ بدران اسان جا غلام ھجن پيپلزپارٽي پنهنجي 16 سالن جي اقتداري دور دوران سنڌ کي تباهي کان سواءِ ڪجھ بہ نہ ڏنو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن ڪرپشن کي ڌنڌو بنائي ڇڏيو آھي. عوام بنيادي حقن ۽ انصاف کان محروم آھي. طاقتور ماڻھو انصاف خريد ڪن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت جي ادارن کي ڪرپشن کوکلو بنائي ڇڏيو آھي. عوام جي سھولتن لاءِ ٺھيل ادارا عوام آزار بنيل آھن. اربين روپين جي بجيٽ ڪاغذن ۾ خرچ ڪري ھڙپ ڪئي وڃي ٿي. ٻيلو کاتو، زراعت کاتو، بلديات، فشريز، صحت، تعليم، ورڪس، پوليس، اريگيشن، روينيو، خوراڪ سميت سمورا کاتا عوام کي بنيادي قانوني حق نہ ڏئي رھيا آھن. جنھنڪري غريب عوام جي حالت بدحال آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڏوھاري پوليس جي پڪڙ کان پري آھن باقي غريب عوام کي تنگ ڪري لٽيو پيو وڃي. ھر شھر منشيات جو ڳڙھ بنيل آھي. منشيات فروشن کي وزيرن ۽ پوليس جي سرپرستي حاصل آھي. ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ وزير مرضي جا آفيسر مقرر ڪري پنھنجي مرضي جا ڪم وٺن ٿا. عملدارن کي مخالفن خلاف استعمال ڪيو وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپشن جي خاتمي سان انصاف ۽ شفافيت قائم ٿيندي. ماڻھن کي بنيادي انساني حق ملندا سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ھنر مند نوجوانن کي روزگار لاءِ آسان شرطن تي قرض فراھم ڪري. سرڪاري زمين بي زمين ھارين کي ڏني وڃي. زراعت جي بحالي لاءِ آبادگارن کي قرض ڏنا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
سنڌو درياءَ
حيدرآباد
0 تبصرے