English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر ٿيڻ سان گڏ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي: اياز لطيف پليجو
40 views
|
24th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ سنڌو درياھ تي حملو ڪندڙن سان پيپلزپارٽي گڏ آھي سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر ٿيڻ سان گڏ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي ۽ جر جو پاڻي زھريلو ٿي ويندو. سمنڊ ٺٽو، بدين ۽ سجاول ضلعن کي مڪمل ڳڙڪائي ويندو. سنڌو درياھ اسان جو آھي ان تي قبضو ٿيڻ ھرگز نہ ڏينداسين. پيپلزپارٽي چاھي ٿي تہ سنڌي ماڻهو خوشحال ٿيڻ بدران اسان جا غلام ھجن پيپلزپارٽي پنهنجي 16 سالن جي اقتداري دور دوران سنڌ کي تباهي کان سواءِ ڪجھ بہ نہ ڏنو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن ڪرپشن کي ڌنڌو بنائي ڇڏيو آھي. عوام بنيادي حقن ۽ انصاف کان محروم آھي. طاقتور ماڻھو انصاف خريد ڪن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت جي ادارن کي ڪرپشن کوکلو بنائي ڇڏيو آھي. عوام جي سھولتن لاءِ ٺھيل ادارا عوام آزار بنيل آھن. اربين روپين جي بجيٽ ڪاغذن ۾ خرچ ڪري ھڙپ ڪئي وڃي ٿي. ٻيلو کاتو، زراعت کاتو، بلديات، فشريز، صحت، تعليم، ورڪس، پوليس، اريگيشن، روينيو، خوراڪ سميت سمورا کاتا عوام کي بنيادي قانوني حق نہ ڏئي رھيا آھن. جنھنڪري غريب عوام جي حالت بدحال آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڏوھاري پوليس جي پڪڙ کان پري آھن باقي غريب عوام کي تنگ ڪري لٽيو پيو وڃي. ھر شھر منشيات جو ڳڙھ بنيل آھي. منشيات فروشن کي وزيرن ۽ پوليس جي سرپرستي حاصل آھي. ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ وزير مرضي جا آفيسر مقرر ڪري پنھنجي مرضي جا ڪم وٺن ٿا. عملدارن کي مخالفن خلاف استعمال ڪيو وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپشن جي خاتمي سان انصاف ۽ شفافيت قائم ٿيندي. ماڻھن کي بنيادي انساني حق ملندا سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ھنر مند نوجوانن کي روزگار لاءِ آسان شرطن تي قرض فراھم ڪري. سرڪاري زمين بي زمين ھارين کي ڏني وڃي. زراعت جي بحالي لاءِ آبادگارن کي قرض ڏنا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
سنڌو درياءَ
حيدرآباد
0 تبصرے