ملير (درياخان شر) ملير جي درسانو ڇنو جي رهواسي نوجوانن ملھ پهلوانن پاران نامياري ملھ رانديگر سيد اياز علي شاھ بخاري جي گرفتاري خلاف ميمڻ ڳوٺ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي عوامي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي ملھ پهلوانن علائقي واسين سيد عاشق علي شاھ، ڪاشف جوکيو، شير محمد جوکيو ،قائم جوکيو وجاہت درس، قلندر کوسو، سمير علي ميمڻ، وقار درس، غلام نبي کوسو ۽ ٻين چيو ته سيد اياز علي شاهه کي ڪورٽ مان گرفتار ڪري مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪري هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪا بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، سيد اياز علي شاهه سنڌ جو ناميارو ملھ پهلوان آهي جنهن هميشه سنڌ جي ثقافتي راند ملهه کي ملڪي توڙي عالمي سطح تي پذيرائي ڏياري آهي جڏهن ته سندس پاران اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان پوءِ مسلسل کيس ٽارچر ڪيو پيو وڃي، سندس خلاف ڪوڙا جڙتو ڪيس داخل ڪري کيس هيسايو پيو وڃي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ٺٽو ضلعو امن پسند ماڻهن جو شهر آهي سياسي مخالفت سبب کيس تنگ ڪيو پيو اگر ڪيس ڪجهه ٿيو ته ان جي ذميدار سنڌ حڪومت هوندي نوجوانن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي فوري طور تي سيد اياز علي شاھ رهائي جو مطالبو ڪندي چيو ته اگر ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کيس آزاد نه ڪيو ويو ته سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي
0 تبصرے