English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: ترڪي ڪالوني ۾ نينگري سان مبينا زيادتي، وارثن جو جوابدار جي گرفتاري لاءِ احتجاج
views
|
29th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
ياسين پٽ غلام مصطفيٰ 7 ورهين جي نياڻي کي يرغمال بڻائي هٿ پير ٻڌي ساڻس زيادتي ڪئي: نينگري جا وارث
ٺٽو( شفيق ڀٽي)گذريل ڏينھن غلام اللہ روڊ لڳ ترڪي ڪالوني ۾ 7 سالن جي معصوم نياڻي سان مبينا زيادتي جو واقعو پيش آيو، نينگري جي وارثن موجب ياسين ولد غلام مصطفىٰ اگيم رھندڙ ناريجہ ڳوٺ مڪلي نياڻي کي راند کيڏڻ بهاني ڪوارٽر ۾ وٺي وڃي هٿ پير ٻڌي ساڻس زنا ڪئي، جنهن بعد سندس حالت خراب ٿيڻ بعد اتان فرار ٿي ويو، نياڻي جي رڙين تي محلي وارا گڏ ٿي ويا ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو جنھن بعد پوليس کيس سول اسپتال مڪلي ۾ علاج بعد وارثن حوالي ڪيو، متاثر نينگري جي وارثن سيشن ڪورٽ مڪلي ۾ جج اڳيان دانھن ڏيندي انصاف جو مطالبو ڪيو جنھن تي جج پاران مڪلي پوليس ۽ ڪورٽ سڳوري جي ريڊر کي زنا واري جڳھ موڪلي ثبوت ھٿ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا جنھن بعد پوليس ۽ ڪورٽ جي عملي متاثرہ نياڻي جا رت وارا ڪپڙا ۽ رسيون ھٿ ڪرڻ بعد سول اسپتال مان ابتدائي رپورٽ پڻ ھٿ ڪري جج اڳيان پيش ڪئي جنھن ۾ زوري زنا بابت واضع لکيو ويو ھو جنھن تي جج صاحب مڪلي پوليس کي جوابدار کي فوري گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪيو، نينگري جي وارثن الزام لڳايو ته مڪلي پوليس پنھنجو روايتي انداز برقرار رکندي مُک جوابدار ياسين اگيم کي فرار ڪرائي انجي چاچي ۽ مامي کي گرفتار ڪري ڪيس کي ٻورڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي، نينگري جي امڙ زاھدہ خاصخيلي صحافين اڳيان دائيھندي چيو تہ اسين غريب آيون آئون مڪلي ۾ ماڻھن جي گھرن ۾ ڪم ڪري پنھنجي ٻچرن جو پيٽ پاليندي آھيان، منھنجي نياڻي جي زندگي برباد ڪندڙ جوابدار جا مائٽ مون غريب مٿان پريشر وجي دھمڪائي رھيا آھن تہ ڪيس تان ھٿ کڻان نہ تہ مونکي ۽ منھنجي نياڻي کي ماري ڇڏيندا جڏھن تہ ايس ايڇ او مڪلي ڪورٽ سڳھوري جي حڪمن باوجود مُک جوابدار کي گرفتار نٿو ڪري ۽ مونکي بار بار ٿاڻي جا چڪر ڪاٽائي رھيو آھي، ھن آئي جي سنڌھ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪندي چيو آھي تہ مُک جوابدار ياسين اگيم کي گرفتار ڪري مونکي ۽ منھنجي نياڻي سان انصاف ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Oct 2025
•
تازہ ترین
ایران: اعلیٰ عہدے دار کی بیٹی کی شادی کی ویڈیو نے سوشل میڈیا پر بحث چھیڑ دی
20th Oct 2025
•
سندھ
ڈی آئی جی ٹریفک پولیس پیر محمد شاہ کی جانب سے معروف اداکار اینکر و کامیڈین کاشف خان کو ٹریفک پولیس کا گڈ ول ایمبیسیڈر کا عہدہ تفویض کیا گیا
20th Oct 2025
•
کھیل
ملک میں کھیلوں کی سرگرمیوں میں اضافے کی ضرورت ہے قرۃ العین خان
20th Oct 2025
•
سندھ
حضرت قطب عالم شاہ بخاری رحمة اللہ علیہ کا مزار کراچی کے معروف مزارات میں سرفہرست ہے کفیل حسین
21st Oct 2025
•
تازہ ترین
ایران: اعلیٰ عہدے دار کی بیٹی کی شادی کی ویڈیو نے سوشل میڈیا پر بحث چھیڑ دی
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو جرڳائي وڏيرن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون واسين جو قبضاگيرن ۽ ڀتي خورن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ ۾ سماجي تنظيم احساس سوشل فورم پاران مستحقن جي مدد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
ترڪي ڪالوني
مبينا زيادتي
0 تبصرے