English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسان جي درياھ کي روڪيندئو تہ سنڌي ڪراچي کان ڪنڌڪوٽ، ڪشمور تائين 7سئو ڪلوميٽر وارو روڊ بند ڪندا: اياز لطيف پليجو
views
|
29th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
توهان کي پنج پنج ڪلوميٽرن تي مقابلو ڪرڻو پوندو، سنڌو درياءَ اسان کي ڪنهن تحفي ۽ لاٽري ۾ ڪون مليو آھي
وارھ : قومي عوامي تحريڪ پاران وارھ شهر ۾ ھاري اڳواڻ قاضي غفار جي 24 ورسي ۽ درياھ بچايو جلسي عام منعقد ڪيو ويو جلسي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان جي درياھ کي روڪيندئو تہ سنڌي ماڻهو ڪراچي کان ڪنڌڪوٽ، ڪشمور تائين 7سئو ڪلوميٽر وارو روڊ بند ڪندا، توهان کي پنج پنج ڪلوميٽرن تي مقابلو ڪرڻو پوندو.سنڌو درياءَ اسان کي ڪنهن تحفي ۽ لاٽري ۾ ڪون مليو آھي هزارين سالن کان وٺي سنڌو درياھ اسان جو آھي ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جو آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي ست ڪروڙ عوام جو مستقبل جو دارومدار سنڌو درياھ تي آهي، سنڌ جي عوام جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي رهيو آهي، گهڻي دير نہ ٿي وڃي. ملڪ جي زرعي ترقي جي نالي تي سنڌ کي بنجر نہ بڻايو وڃي. آصف زرداري، بلاول ۽ وزير اعظم کان سنڌ پڇي رهي آهي تہ ڇا اسان آفريڪا جا ريگستان آهيون؟ سنڌ حڪومت سنڌ جو پاڻي ۽ وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نہ پيو ملي، بدين، ٺٽو، سجاول ۽ ڊيلٽا سخت متاثر آهن سنڌ ملڪ جي معيشت جو مرڪز آهي، ان جي تباهي ملڪ دشمني آهي. چولستان ڪينال ٺهي ويو تہ سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو، سنڌ بنجر ٿي ويندي تعصب پرست ميمبرن ارسا، واپڊا، سي ڊي ڊبليو پي ۽ سي سي آءِ مان کي هٽايا وڃن واپڊا ۽ ارسا جي زيادتين سبب فصل تباھ ٿي رهيا آهن.اياز لطيف پليجي چيو تہ ڊاڪٽر غفار قاضي سنڌ جو آواز ھو، سنڌ جو اھو يگانو انقلابي ھاري اڳواڻ ھو، جنھن سنڌو درياھ، وطن،ڌرتي ڌڻين ۽ ھارين جي حقن جي جدوجھد لاء پنھنجي صحت جي بہ پرواھ نہ ڪئي ڏينھن ھجي يا رات پارٽي حڪمن کي لبيڪ ڪيو۔ ھن ضيا جي آمريت ۾ خاموش ٿي لڪي ويھڻ بدران جدوجھد جو ميدان ملھايو۔ سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن جي حقن ۽ جمھوريت لاء ثابت قدم رھيو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ڊاڪٽر غفار قاضي ڪالاباغ ڊيم، پاڻي تي ڌاڙن، مھاجر صوبي،دھشتگردي ڪاروڪاري، خوني قبيلائي رسمن خلاف شاندار ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر غفار قاضي عظيم انقلابي ھاري اڳواڻ ۽ لطيف جو ڪردار ھو، جنھن ڏينھن رات پنھنجي ماڻھن لاء جدوجھد ڪئي تنظيم کي انقلابي اصولن تي ھلايو سنڌ دشمن منصوبن خلاف سدائين اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي خطرن کان بچائڻ لاء انقلابي ھاري اڳواڻ قاضي غفار وانگر بيدار ٿي رستن تي اچڻو پوندو۔قاضي غفار بيماري باوجود پنھنجي وطن، پارٽي ۽ عوام لاء جدوجھد ڪئي۔اياز لطيف پليجي چيو تہ لاڙڪاڻي، قمبر ۽ دادو جي نوجوانن لاءِ روزگار جا رستا بند آهن. قمبر، شڪارپور، ڪشمور، لاڙڪاڻي ۾ عورتون ۽ ٻارڙا غير محفوظ آهن. سنڌ گئس پيدا ڪري ٿي پر سڄي سنڌ ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ آهي پريا ڪماري، نصرالله گڊاڻي، جان محمد مهر ۽ فاطمه ڦورو سان انصاف ڪيو وڃي پاڪستان جي ترقي لاءِ دهشتگردي، تعصب ۽ ڪرپشن جو خاتمو لازمي آهي. سنڌ جا هاري ۽ مزدور بيروزگار آهن، سندن ٻار تعليم کان محروم آهن. سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف سخت مزاحمت ڪندا سين. وفاق، پارليامينٽ ۽ عدالتون سنڌ جون شڪايتون ٻڌن ۽ تڪليفن جو عزالو ڪن. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي خطاب ڪندي چيو تہ اپر سنڌ کي سرداري نظام، ڏوهن ۽ وڏيرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويو آهي. پيپلز پارٽي کي اقتدار سنڌ جا وسيلا ۽ درياھ وڪرو ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو آھي. سنڌ جا ماڻھو جدوجھد جي ميدان تي اچن نہ تہ پاڻي جي ڦڙي لاءِ سڪي ويندا. 6 نوان ڪئنال ڪالاباغ ڊيم کان بہ وڌيڪ خطرناڪ آھن. صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شھباز شريف گڏجي سنڌي ماڻهن کي اڃ وگهي مارڻ چاھين ٿا قومي عوامي تحريڪ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي صدر اڪبر خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ سان سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو. سنڌ کي ريگستان بڻائڻ ملڪ ۽ 25 ڪروڙ پاڪستانين سان دشمني آهي. چار سئو ڪلوميٽر طويل ڊگهي سامونڊي حدن وارو سنڌ بيروزگاري سبب تڙپي رهيو آهي.سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر مدثر سرڪي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ کي ڳنڍڻ جي ضرورت آهي، وفاق سنڌ سان بجلي، گئس، اين ايف سي ۽ پاڻي جي حوالي سان زيادتيون بند ڪري.انتهاپسندي، جهالت ۽ ڪرپشن کي پاڙان پٽڻ گهرجي اڄ سنڌ جو عوام تباھ ۽ برباد ٿي چڪو آهي سنڌ جو عوام ڏوهن ۽ ڪرپشن کان ڇوٽڪارو چاهي ٿو. اڳوڻي شاگرد اڳواڻ سرتاج چانڊيو خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياھ سنڌ جو جياپو آهي سنڌ جي 7 ڪروڙ ماڻهن جي بقا ۽ مستقل جو دارومدار سنڌو درياھ تي آهي 6 نوان ڪئنال ٺھڻ سان سنڌ مڪمل سوڪھڙي جو شڪار ٿي ويندي سنڌ ست ھزار سالا ثقافت ۽ تھذيب جي وارث آهي جنھن کي ڪير بہ ختم نٿو ڪري سگهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jan 2025
•
دنیا
امریکا بھر میں ٹک ٹاک بند
19th Jan 2025
•
تازہ ترین
ژوب: پاک افغان بارڈر پر دراندازی کی کوشش ناکام، فورسز سے مقابلے میں 5 خوارج ہلاک
17th Jan 2025
•
سندھ
پاکستان ایگریکلچر اینڈ ہارٹیکلچر فورم کے سینئر نائب صدر خالد اعجاز کا حکومت سندھ سے پاکستان کے پہلے اے پی ای زیڈ کی خستہ حالی کا فوری نوٹس لینے کا مطالبہ
17th Jan 2025
•
سندھ
عمران خان اور بشریٰ بی بی کے خلاف عدالتی فیصلہ انصاف کی جیت ہے، اظفر صدیقی
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
شاھراھ ڀٽو ڪراچي جي عوام لاءِ ترقي ۽ عوامي سھولت ۾ پنھنجو ڪردار شروع ڪري ڇڏيو آھي: سمعتا افضال سيد
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور جي سالياني چونڊ ٿي گذري
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد ۾ قتل ٿيل پورهيت زاهد ميراڻي جي چاليهي جي تقريب پپري ۾ ٿي گذري
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ڳوٺاڻي پاران پٽ سميت ڌيءَ جي مبينا اغوا خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
وارھ
قومي عوامي تحريڪ
درياھ بچايو
قاضي غفار
0 تبصرے