عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو

عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو

ٺٽو (شفيق ڀٽي) ٺٽي ۾ سماجي تنظيم پيغام پاران عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي ياد ۾ هڪ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ مختلف سياسي، سماجي، ۽ صحافتي شخصيتن شرڪت ڪري شهيد بينظير ڀٽو جي سياسي ۽ سماجي خدمتن تي روشني وڌي.تعزيتي ميڙاڪي جي تقريب جا مهمان خاص اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ خدا بخش بھراڻي، عوامي پريس ڪلب ٺٽو جو صدر بلاول سمون، ۽ سماجي اڳواڻ ۽ سينيئر صحافي رشيد جاکرو هئا. ان کان علاوه، پيغام تنظيم جي صدر زھرہ جاکرو ،صحافي ممتاز علي سمون، شبير مانجھند، محمد عمر سرائي، ۽ سماجي اڳواڻ اسماعيل سمون ، علي نواز سيال ، مير خالد ڪيھر ، ڪامريڊ زاھد جوکيو ، راجا ميمڻ ، مختيار جان چانڊيو ، رياض خاصخيلي ،دودو مل مھيشوري ، فاروق شيخ ، مظھر علي جکڙ ۽ ٻيا پڻ پروگرام ۾ موجود هئا.تقريب دوران مقررن پنهنجي تقريرون ۾ محترمه شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته محترمه بينظير ڀٽو هڪ بين الاقوامي سطح جي ليڊر هئي، جيڪا نه رڳو پاڪستان پر پوري دنيا ۾ هڪ روشن مثال هئي. محترمه جي عوام دوست پاليسين ۽ سياسي جدوجهد کي ياد ڪندي هنن چيو ته هوءَ هڪ اهڙي سياستدان هئي، جيڪا سدائين غريب عوام جي ڀلائي، خوشحالي، ۽ ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ ڪوشان رهندي ھئي .مقررن وڌيڪ چيو ته آمريت جي حامي قوتن ۽ عوام دشمن فسطائي طاقتن محترمه کي شهيد ڪري ملڪ جي عوام کي يتيم ڪري ڇڏيو. محترمه جي شهادت نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا لاءِ هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي.تقريب ۾ ڳالهائيندي خدا بخش بھراڻي چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جي قرباني کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، هن پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ملڪ جي عوام کي جمهوريت ۽ حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ سيکاريو. بلاول سمون پنهنجي تقرير ۾ چيو ته موجوده حڪمرانن کي محترمه جي سياسي بصيرت مان سبق وٺي، ان جي نقش قدم تي هلي عوام جي خوشحالي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.ميڊم زهره جاکرو چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ پاڪستان عالمي سطح تي مضبوط ٿيڻ شروع ٿيو، پر بدقسمتي سان فسطائي قوتن ملڪ کي ترقي کان روڪڻ لاءِ محترمه کي شهيد ڪيو.تقريب ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي زندگي ۽ جدوجهد تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ ميڙاڪي ۾ موجود سڀني ماڻهن محترمه جي بلند درجات لاءِ دعائون پڻ گهريون. ان کان پھرين پروگرام ۾ محترمه جي ياد ۾ ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪري سندس سامھون گل رکي ، ميڻ بتيون ٻاري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي.