ٽنڊو محمد خان ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران منشيات جي وڪري ۽ پوليس خلاف ريلي

ٽنڊو محمد خان ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران منشيات جي وڪري ۽ پوليس خلاف ريلي

ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران منشيات ۽ پوليس غنڊا گردي خلاف مويا شهر ۾ قومي عوامي تحريڪ ٽنڊو ٽنڊو محمد خان ضلعي جي صدر رمضان رند، سنڌياڻي تحريڪ ضلعي ٽنڊو محمد خان جي صدر پروين رند، ايڊووڪيٽ آڪاش رند، شڪيل ڪنڀر، علي مردان رند، دلدار رند، منظور علي رند، سادو مل، علي غلام رند، معشوق رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌياڻين سميت سوين ماڻهن جي احتجاجي مارچ ڪري مين بس اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي حڪومت ٽنڊو محمد خان ضلعي سميت سڄي سنڌ کي منشيات جو ڳڙھ بنائي ڇڏيو آھي. حڪومت سان واسطو رکندڙ ماڻھو منشيات فروش بنيل آھن. پوليس لاءِ منشيات منافعي بخش ڪاروبار بنجي ويو آھي، انڪري ھٿ وٺي منشيات جو خاتمو نٿو ڪيو وڃي. قومي عوامي تحريڪ ھميشہ حق ۽ سچ کي ڳالھ ڪئي آھي اڳواڻن چيو تہ اتر سنڌ جي ضلعا ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي آھن، باقي صوبا بہ ڏوھارين ۽ منشيات فروشن جي ور چڙھيل آھن. سنڌ حڪومت پوليس کي مخالفن خلاف انتقام لاءِ استعمال ڪري رھي آھي. ڪرپٽ پوليس سسٽم منشيات جي خاتمي بدران ان انسان دشمن ڪاروبار کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آھي.