English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ ملهه پهلوان سيد اياز شاهه بخاري جي گرفتاري خلاف سيد نواز شاهه ڀاڏائي جي اوطاق تي گڏجاڻي
19 views
|
22nd Dec 2024
•
سنڌي خبرون
ملھ پھلوان اياز شاھ جي آزادي ۽ ڪوڙي ڪيس جي خاتمي تائين مرحلي وار جدوجھد ڪئي ويندي،: گڏجاڻي ۾ فيصلو
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)پ پ اڳواڻ ۽ صوبائي وزير ورڪس سروسز ۽ جيل خانہ جات حاجي علي حسن زرداري سامھون اليڪشن وڙھندڙ مشھور ملھ پھلوان سيد اياز شاھ بخاري تي ڦر جو ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ ۽ سندس گرفتاري خلاف جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ سيد نواز شاھ ڀاڏائي جي اوطاق تي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن،صحافين،ملھ پھلوانن ۽،اياز شاھ جي وارثن ۽ مختلف راڄ برادرين جي چڱن مڙسن جو مشترڪہ اجلاس ٿيو،جنھن ۾ ملھ پھلوان اياز شاھ تي ڪوڙي ڪيس داخل ٿيڻ جي سخت مذمت ڪندي کيس فوري طور آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو،ان موقعي تي عوامي رابطہ ڪائونسل سرور پليجو،قومي عوامي تحريڪ جو شبير ڀٽي،ملھ ايسوسيئيشن سنڌ جو جنرل سيڪريٽري غلام نبي شيدي،عوامي پريس ڪلڀ جو صدر بلاول سمون ۽ ٻيا پڻ شريڪ ٿيا،اجلاس کان پو جسم اڳواڻ سيد نواز شاھ ڀاڏائي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو تہ ملھ پھلوان سنڌ جي ثقافت جا سفير ۽ امن جا اھڃاڻ آھن،ھن چيو تہ اياز شاھ پھلوان ھڪ شريف، سادو ۽ بھادر ماڻھون آھي، ھن جو ڏوھ اھو آھي تہ ھن علي حسن زرداري سامھون صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي اليڪشن ڪئي ۽ مڙس ٿي ہيٺو رھيو،ھن چيو تہ ٺٽي ضلعي ۾ مني مارشلا لڳائي ويئي آھي،ان موقعي تي ھن اجلاس ۾ ڪيل فيصلن بابت اعلان ڪندي ٻڌايو تہ ملھ پھلوان اياز شاھ جي آزادي ۽ ڪوڙي ڪيس جي خاتمي تائين مرحلي وار جدوجھد ڪئي ويندي، جنھن مطابق 25 ڊسمبر تي غلام اللہ شھر ۾ عام ھڙتال ۽ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويندو ۽ 27ڊسمبر تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويندو، جڏھن تہ اجلاس کان پو۽ شريڪ ماڻھن ھڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي نيشنل پريس ڪلب مڪلي،مڪلي پريس ڪلب، عوامي پريس ڪلب ۽ ٺٽو پريس ڪلب آڏو سخت احتجاج ڪيو ۽ ڇتي نعريبازي ڪندي ملھ پھلوان اياز شاھ کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جو ذميوار ضلعي چيئرمن حميد پنھنور ۽ علي حسن زارداري کي قرار ڏيندي سندن خلاف بن سخت نعريبازي ڪئي ويئي،۽ چيف جسٽس سنڌ، آئي جي سنڌ، عالمي ادارن ۽ انٽر نيشنل ميڊيا کان مدد طلب ڪندي خدشو ڏيکاريو ويو سنڌ پوليس ڪوڙن مقابلن ۾ بي گناھ ماڻھون ماري رھي آھي ان ڪري اياز شاھ کي بہ ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ مارڻ جو خدشو آھي ان ڪري سندس زندگي بچائڻ لا ترت نوٽيس ورتو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Dec 2025
•
دنیا
آئس لینڈ دنیا کے سب سے محفوظ ممالک میں شامل، محفوظ ترین ممالک کی فہرست جاری
03rd Dec 2025
•
دنیا
بھارت میں لرزا خیز سانحہ: عورت نے حسد میں آکر اپنے ہی بیٹے سمیت 4 بچوں کی جان لے لی
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی پریس کلب کے ممبرز کے639 پلاٹس کا حصول بڑی کامیابی ہے،سہیل افضل خان
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی میں مشتعل افراد کا حملہ، انسداد تجاوزات کا ٹرک نذرِ آتش
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سڄي سنڌ جيان ملير به ثقافتي رنگ سان رڱجي ويو
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ميمڻ گوٺ ۾ مائي نياڻي درگاهه ڀرسان ندي مان اڻڄاتل شخص جي لاش هٿ
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ڪورٽ ۾ حادثو، مزدور ٽئين ماڙ تان هيٺ ڪري فوت
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول جي عدالت ٻن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سيد نواز شاهه ڀاڏائي
ٺٽو
ملھ پھلوان اياز شاھ
0 تبصرے