ابراهيم حيدري ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ماءُ پٽ مرڻينگ، 2 ڄڻا گرفتار

موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گهر ٻاهران ويٺل ميمونه زال اسلم ۽ سندس پٽ شاڪر زخمي ٿي پيا

ابراهيم حيدري ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ماءُ پٽ مرڻينگ، 2 ڄڻا گرفتار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿيار بندن جي فائرنگ، گهر ٻاهران ويٺل ماءُ ۽ پٽ زخمي، جناح اسپتال منتقل، هٿيار بند فرار، ڪيس داخل، 2 ڄڻا گرفتار، علائقي ۾ خوف ۽ هراس، رات جو پنهنجي گھر جي ٻاهران ويٺل ھئا سين ته اوچتو موٽرسائيڪل تي سوار 3 ڄڻن مان هڪ ڄڻي سڌي فائرنگ ڪري ڏني، ڊي آئي جي آئي جي سنڌ ، ايس ايس پي ملير بيگناھ قاتلاڻي حملي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، زخمي عورت ميمونه تفصيل موجب ابراهيم حيدري جي عمر ڪالوني ۾ گذريل رات موٽر سائيڪل سوار هٿيار بندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گهر ٻاهران ويٺل ماءُ ميمونه زال اسلم ۽ پٽ شاڪر زخمي ٿي پيا ان موقعي تي هٿيار بند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو اطلاع تي پوليس پهچي زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو پوليس ابتدائي جاچ ڪري ٻن جوابدارن زاهد لاڙو ۽ ڪبير لاسي کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي ان سلسلي ۾ زخمي عورت محمونه اسلم جو چوڻ هو ته اسان رات پنهنجي گھر جي ٻاهران ويٺل ھئا سين ته اوچتو ھڪ موٽرسائيڪل تي سوار ٽي ڄڻا آصف ڪشميري، ڪبير لاسي ، زاھد پهتا جن مان هڪ ڄڻي آصف ڪشميري فائرنگ ڪري ڏني ھن ڊي آئي جي، ايس ايس پي ملير ايس ايچ او ابراهيم حيدري کي اپيل ڪندي چيو ته اسان مٿان بيگناھ قاتلاڻو حملو ڪندڙن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي پاسي علائقي واسين جو چوڻ هو ته آصف ڪشميري ھڪ ڏوھاري آھي جيڪو ڪيترائي ڀيرا جيل به ويو آهي ۽ سندس رڪارڊ به پوليس وٽ آهي ان باوجود پوليس واقعي کي ذاتي دشمني ڪري پيش ڪري رهي آهي پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني سبب پيش آيو آهي ۽ ميمونه جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي