پوليو مهم جي حوالي سان سمورا انتظام مڪمل ڪيا وڃن: منور عباس سومرو
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو جي صدارت هيٺ 16ـ ڊسمبر 2024 کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت دربار هال مڪلي ۾ اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاهه کان علاوہ يونيسيف، پي پي ايڇ آءِ، مرف، تعليم، صحت، پوليس، لوڪل گورنمينٽ، ڊبليو ايڇ او ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن سميت مختلف اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر گذريل ڪامياب مهم ۾ پوليو ٽيمن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته ٽيمون ايندڙ مهم لاءِ مائڪرو پلان تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏين. هن معيار تي پورو نه ايندڙ يو سي ايم اوز کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڊپٽي ڪمشنر ڊي ايڇ او کي هدايت ڪئي ته اي او سي پاران نشاندهي ڪيل 63 خطري وارن علائقن ۾ نگراني سميت سپروائيزرز جي تربيت لاءِ پڻ مدد ۽ سهڪار کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته روزانہ جي بنياد تي انڪاري ڪيسن جي حل ۽ شيئر لاءِ ڪميٽي جوڙي وڃي. هن ضلعي جي عوام خاص ڪري والدين کي پرزور اپيل ڪئي ته پوليو مهم دوران پيدائش کان وٺي پنجن سالن تائين عمر جي هر ٻار کي پوليو جا ٻه ڦڙا ضرور پيارين ته جيئن کين دائمي معذوري کان بچائي سگهجي. هن چيو ته پوليس اهلڪار بسن، ويگنن ۽ ٻين گاڏين کي ٽرانزٽ پوائنٽس تي ڪجهه منٽن لاءِ روڪين ته جيئن سفر ڪندڙ ٻارڙن کي به ڦڙا پياري سگهجن. ان کان اڳ اين اسٽاپ پوليو آفيسر ڊاڪٽر امير حسين گذريل مهم جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي ۽ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ايندڙ مهم دوران ضلعي جي 30 يونين ڪائونسلن ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي 2 لک 38 هزار 169 ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان 781 گشتي ٽيمون، 51 فڪسڊ ۽ 59 ٽرانزٽ پوائنٽس جڏهن ته 08 تعلقہ انچارجز، 45 يو سي ايم اوز مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن مقرر ڪيل هدف حاصل ڪري مهم کي سئو سيڪڙو ڪامياب بڻائي سگهجي.
0 تبصرے