26ھين ترميم جي جشن بلاول ڀٽو زرداري، آصف زرداري ۽ پ پ قيادت ڏانھن وڃي ٿو: ڊاڪٽر سيد نور علي شاھ

پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي عمرڪوٽ طرفان 26 آئيني ترميم پاس ٿيڻ تي جشن ملهايو ويو

26ھين ترميم جي جشن بلاول ڀٽو زرداري، آصف زرداري ۽ پ پ قيادت ڏانھن وڃي ٿو: ڊاڪٽر سيد نور علي شاھ

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي عمرڪوٽ طرفان 26 آئيني ترميم پاس ٿيڻ تي جشن ڪيو ويو جشن جي موقعي تي رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي پ پ ضلعي عمرڪوٽ جي صدر ۽ اڳوڻي ضلعي چيئرمين ڊاڪٽر سيد نور علي شاھ چيو ته اڄ جيڪو 26 ھين ترميم جو جشن ٿئي پيو ھن جو ڪريڊٽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، شريڪ چيئرمين ۽ صدر پاڪستان آصف زرداري ۽ پ پ قيادت ڏانھن وڃي ٿو ھن چيو پيپلز پارٽي عوامي جمھوري پارٽي آھي جنھن بناھ ڪنھن فرق جي خدمت ڪئي آھي ھن چيو ته ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو ھن چيو ته منھنجي وڏي ڀاءُ اڳوڻي صوبائي وزير مرحوم سيد علي مردان شاھ آخري وقت تائين پ پ سان نڀايو ۽ اسان کي به ھدايت ڪيائين ته پيپلز پارٽي سان ھميشه نڀائڻو آھي ھن چيو ته آئون پ پ قيادت جو به گھڻو شڪر گذار آھيان جن مون تي اعتماد ڪندي پ پ جي ضلعي صدارت لاء نامزد ڪيو آھي تقريب کي پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري صوفي نواز سومرو سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو جڏھن ته تقريب ۾ پ پ ضلعي انفارميشن سيڪريٽري برھان الدين ڪنڀر، تعلقه صدر پٿورو عاشق حسين ڇورو، تعلقه جنرل سيڪريٽري عمرڪوٽ محمد امين پلي، سٽي صدر عمرڪوٽ ڊاڪٽر گھنشام داس راٺوڙ تعلقه ڪنري انفارميشن سيڪريٽري مرتضي رند، تعلقه جنرل سيڪريٽري سامارو ڊاڪٽر نظير احمد ڀرڳڙي، انفارميشن سيڪريٽري تعلقه سامارو ڏاترو بخش سينھڙو، ڪنري سٽي صدر مصطفي مھر عمرڪوٽ سٽي انفارميشن سيڪريٽري موتي رام ميگھاڻي، پ پ ھاري ڪميٽي جي صدر واحد سمون، بنسي مالھي، جئه چوھاڻ، منٺار آريسر، پرويز رند، ليڊيز ونگ ڊويزنل انفارميشن سيڪريٽري نورجھان ڳيلھڙو، ليڊيز ونگ ضلع صدر گلزاران سمون، سينئير اڳوڻي ضلع صدر آپا ملڪا ولھاري، آنٻي ڀيل سميت ٻين پارٽي ورڪرن جيالن ۽ معززين شرڪت ڪئي